ڪرينا ڪپور ڪرن جوهر جي فلم ۾ آئٽم گانو ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ جي هرڻي جهڙيون اکيون رکندڙ ڪرينا ڪپور ڪرن جوهر جي فلم اگني پٿ ۾ ايٽم گانو ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، بي بو شاهه رخ جي فلم ڊان ۾ ته آئٽم گانو “يي ميرا دل” ڪرڻ تي ته خوش ۽ رضامند هئي پر هن ڀيري ڪرن جوهر جي فلم ۾ هن صاف انڪار ڪري ڇڏيو. ڪرينا ڪپور پرنڪا چوپڙا وچ ۾ سرد جنگ جاري آهي. جيڪا ڪنهن کان لڪيل ناهي، جيڪا فلم ۾ هريتڪ روشن جي هيروئن جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي. شاهد انهي وجه سان ڪرينا ڪپور منع ڪيو هجي. ٻئي طرف پريانڪا انهي سرد جنگ کي پنهنجي مٿي تي سوار نه ڪيو. انهي شاهه رخ جي فلم راون ۾ ڪرينا ڪپور جي موجودگي ۾ مهمان اداڪار طور ڪردار ادا ڪيو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *