ڪرينا ڪپور جيان جلد شادي ڪرڻ جي خواهشمند آهيان: عاليه ڀٽ

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا عاليا ڀٽ بيبو گرل ڪرينا ڪپور جي وڏي مداح آهي، جنهن جو اظهار هوءَ هر جاءِ تي ڪندي آهي، جڏهن ته هاڻ عاليا ڀٽ چيو آهي ته هوءَ به ڪرينا ڪپور جيان جلد شادي ڪرڻ جي خواهشمند آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ عاليا ڀٽ جو چوڻ هو ته مان به ڪرينا ڪپور جيان جلد شادي ڪرڻ ۽ سندس جي نقش قدم تي هلڻ چاهيان ٿي. مان اهو نٿي چاهيان ته منهنجي شادي دير جو شڪار ٿئي، جنهن سان مسئلا وڌي ويندا آهن، اهو ئي سبب آهي جو مان ان معاملي تي گهڻو سوچڻ به شروع ڪري ڏنو آهي. هن چيو ته اڳ ماڻهو ان ڳالهه تي يقين رکندا هئا ته ڪنهن به اداڪارا جي شادي ٿئي ته ان جو ڪيريئر ختم ٿي ويندو آهي پر هاڻ ائين ناهي، جنهن جو چِٽو مثال منهنجي آئيڊيل ڪرينا ڪپور آهي.27

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *