ڪرينا کي لنڊن ۾ ساٿي ماڊل سان گڏ ڪافي پيئڻ مهانگي پئجي وئي، وڊيو وائرل

 

لنڊن(شوبز نيوز) ڀارتي اداڪارا ڪرينا ڪپور کي لنڊن ۾ ساٿي ماڊل سان گڏ ڪافي پيئڻ مهانگي پئجي وئي، وڊيو وائرل ٿيڻ بعد ڀارٽي ميڊيا مٿس ڪڙڪي پئي. بيبو گرل ڪرينا ڪپور هن وقت لنڊن ۾ ترسيل آهي جٿي هو هڪ برانڊ لاءِ ماڊلنگ ڪري رهي آهي برانڊ جي شوٽ ۾ مصروف بيبو گرل ساٿي ماڊل سان گڏ ڪافي پيئڻ لاءِ ڪجهه گهڙيون ڪڍيون ۽ هڪ ڪافي هائوس پهتي ته ميڊيا ورڪرن سندس وڊيوز ڀري ورتيون. ڪافي هائوس ۾ ساٿي ماڊل سان ڪيل ڳالهه ٻولهه جي وڊيو وائرل ٿي وئي، وڊيو وائرل ٿيڻ بعد ڀارتي ميڊيا پاران مٿس سخت تنقيد ڪئي پئي وڃي. ميڊيا موجب ڪرينا ڪپور هاڻي ماءُ بڻجي چڪي آهي انڪري کيس ماڊلز سان ايترو بي تڪلف نه ٿيڻ گهرجي جڏهن ته ان حوالي سان ڪرينا ڪپور جي دوستن جو چوڻ آهي ته ڪرينا ڪپور گهڻي وقت بعد ٻيهر ماڊلنگ شروع ڪئي آهي انڪري هو ساٿي ماڊلز سان بي تڪلف آهي. سندن چوڻ آهي ته ڪرينا ڪپور ساٿي ماڊلز کي هميشه اڳيان آڻڻ ۾ مدد ڪئي آهي ان ڪري هو هر وقت اها ڪوشش ڪندي آهي ته ساٿي اداڪارن جي ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ مدد ڪري، ان ڪري لنڊن ۾ پڻ هو ماڊلنگ دوران ساٿي ماڊلز سان دوستن وانگر ورتاءُ ڪري رهي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *