ڪريس گيل  پي ايس ايل بعد آءِ پي ايل مان به ٻاهر

ممبئي (اسپورٽس نيوز) انڊين پريميئر ليگ جي ايندڙ ايڊيشن لاءِ فرنچائزن اسڪواڊ ۾ برقرار رکيل رانديگرن جي نالن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي ۽ رائل چيلنجز بنگلور ڀارتي قائد ۽ اسٽار بيٽسمين ويرات ڪوهلي کي برقرار رکيو آهي جڏهن ڪريس گيل کي ڊراپ ڪري ڇڏيو آهي. بي سي سي آءِ هلندڙ سال ٿيندڙ آءِ پي ايل ايونٽ لاءِ ٽيمن طرفان برقرار رکيل رانديگرن جي فهرست جاري ڪري ڇڏي جنهن تحت رائل چيلنجز بنگلور ڪوهلي کي 17 ڪروڙ عيوض برقرار رکيو. ڪوهلي اهو رانديگر آهي جنهن کي آءِ پي ايل لاءِ مقرر 15 ڪروڙ کان وڌيڪ رقم ۾ برقرار رکيو ويو. رائل چيلنجز بنگلور ڏکڻ آفريقا جي اي بي ڊي ويليئرز ۽ سرفراز خان کي به اسڪواڊ ۾ برقرار رکيو آهي. ممبئي انڊينز مان روهت شرما، هردڪ پانڊيا ۽ جسپرت ڀمرا، ڪولڪتا نائٽ رائيڊرز مان سنيل نارائڻ ۽ آندري رسل، دهلي ڊيئر ڊيولز مان رساڀ پانٽ، ڪرس مورس ۽ شري ياس آئير شامل آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *