ڪرونا وائرس وگهي وڌيڪ 56 مريض فوت، وڌيڪ هڪ هزار 411 ڪيس ظاهر

اسلام آباد (اين اين آءِ) پاڪستان ۾ ڪرونا وائرس وگهي وڌيڪ 56 ماڻهو فوت ۽ وڌيڪ هڪ هزار 411 ڪرونا ڪيس ظاهر ٿيا. اين سي او سي پاران جاري ڪيل تازن انگن اکرن مطابق گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ملڪ ۾وڌيڪ هڪ هزار 411 ڪرونا ڪيس رپورٽ ٿيا. ملڪ ۾ ڪرونا ڪيسن جو ڪل انگ 12 لک 46 هزار 538 ٿي ويو آهي، گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ملڪ ۾ 49 هزار 49 ڪرونا ٽيسٽون ڪيون ويون۽ هاڪاري ڪيسن جي شرح 2.87 سيڪڙو رهي سنڌ ۾ ڪرونا ڪيسن جو انگ 4 لک 57 هزار 928، خيبرپختونخواه ۾ هڪ لک 74 هزار 017، پنجاب ۾ 4 لک 31 هزار 666، اسلام آباد ۾ هڪ لک 5 هزار 516، بلوچستان ۾ 32 هزار 926، آزاد ڪشمير ۾ 34 هزار 157 ۽ گلگت بلتستان ۾ 10 هزار 328 ٿي ويو آهي، ڪرونا سبب سڀ کان وڌيڪ فوتگيون پنجاب ۾ ٿيون آهن، جتي 12 هزار 637 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن، سنڌ ۾ 7 هزار 407، خيبرپختونخواه 5 هزار 547، اسلام آباد 924، گلگت بلتستان 184، بلوچستان ۾ 348 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 738 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *