ڪرن رائو سُٺي ماءُ، زال، هدايتڪاره ۽ سُٺي اداڪاره آهي: عامر خان

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ جي مسٽر پرفيڪٽ جي نالي سان مشهوري ماڻيندڙ عامر خان پنهنجي گهرواري ڪرن رائو جي باري ۾ انڪشاف ڪندي چيو آهي ته ڪرن تمام بهترين هدايتڪاره هئڻ سان گڏو گڏ تمام سُٺي اداڪارا به آهي، مان ڪيترائي ڀيرا ان سان فلمن ۾ اداڪاري ڪرڻ جي فرمائش ڪري چُڪو آهيان. ناليوارو اداڪار عامر خان هنن ڏينهن ۾ پنهنجي فلم ”سيڪريٽ سپر اسٽار“ جي تشهري ۾ مصروف آهي، ان سلسلي ۾ هڪ تقريب دوران هن ڳالهائيندي چيو ته منهنجي گهرواري ڪرن رائو هڪ سُٺي گهرواري، سُٺي ماءُ، سُٺي هدايتڪاره ۽ سُٺي اداڪارا آهي، مان ڪيترائي ڀيرا ان سان فلمن ۾ ڪم ڪرڻ جي فرمائش ڪري چُڪو آهيان.(۰۲)

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *