ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو ضابطي ۾ ۽ رپئي جو قدر مستحڪم ٿي ويو آهي: عمران خان

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)  وزير اعظم عمران خان جو چوڻ آهي ته منصب سنڀاليو ته ملڪ جو سڀ کان وڏو مسئلو 19 ارب ڊالر جو ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو هو پر ان تي ضابطو آندو ويو آهي ۽ رپئي جو قدر مستحڪم ٿي ويو آهي. برآمد ڪندڙن ۾ سيلز ٽيڪس ۽ انڪم ٽيڪس جي ريفنڊ چيڪن جي ورڇ واري تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته جڏهن حڪومت ۾ آياسين ته ملڪ جو 19 ارب ڊالر جو ڪرنٽ خسارو هو ۽ پرڏيهي زرمبادله جا ذخيرا هئا، ماڻهو ڊالرن ۾ ٽرانزيڪشن ڪري رهيا هئا، ڪرنسي جو قدر گهٽجي رهيو هو. وزير اعظم چيو ته موجوده حڪومت جي معاشي ٽيم جي ڪوششن جي ڪري رپئي جو قدر مستحڪم ٿيو ۽ برآمدت ۾ واڌ ٿي. هن چيو ته جنهن ڏينهن ملڪ ۾ پاليسيون ٺيڪ ٿينديون ۽ ماڻهن کي خبر پوندي ته اسان جون پاليسيون مستقل آهن ۽ ملڪ ايڊهاڪ ازم سان نه هلندو ته ان سان هنن جي اعتماد ۾ واڌ ٿيندي. عمران خان چيو ته ڀارت ۽ بنگلاديش اسان کان اڳتي نڪري ويا آهن، هنن ڪا غير معمولي ترقي ناهي ڪئي پر اسان پوئتي هليا ويا آهيون. سندس چوڻ هو ته موجوده حڪومت ڊگهي عرصي وارين پاليسين تي عمل ڪندي، چين ڊگهي عرصي وارين ڪاميابين جي ذريعي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. هن چيو ته چونڊن ۾ سياسي فائدن جي لاءِ ميٽرو بسن جهڙا منصوبا شروع ڪيا ويندا آهن، چين استحڪام، پيداواريت ۽ انساني ترقي ڌيان جي ذريعي ڪاميابي حاصل ڪئي. زير اعظم جو چوڻ هو ته ملڪ خساري ۾ آهي، ڊالر ٻاهر وڌيڪ وڃي رهيو هو ۽ ملڪ ۾ گهٽ اچي رهيو هجي ته ان سان ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو وڌيڪ ٿيندو آهي، ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو وڌڻ سان رپئي جي قدر ۾ گهٽتائي ٿي، پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ ٿيندي ۽ مهانگائي وڌندي آهي. هن چيو ته پهريون ڀيرو ملڪ جو ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو سرپلس ۾ آيو آهي، ملڪ ۾ دولت جي پيداوار ناهي هوندي ته ملڪ قرض واپس ناهي ڪري سگهندو. هي به پڙهي سگهو ٿا:بلاول پاڻ کي لبرل چوي ٿو پر…! عمران خان جو الزام هن چيو ته موجوده حڪومت صنعتن کي هٿي تي ڌيان ڏئي رهي آهي، اسمگلنگ روڪڻ جي لاءِ بندوبست ڪري رهي آهي ڇو ته اسمگلنگ سان صنعتون متاثر ٿينديون آهن. وزير اعظم جو چوڻ هو ته ٽيڪس محصولات ۾ واڌ ٿي آهي جنهن تي ايف بي آر جو چيئرمين شبر زيدي واڌاين جو مستحق آهي. هن واپاري برادري ۾ ٽيڪس ڪلچر جي هٿي تي زور ڏنو ۽ چيو ته واپاري ملڪي مفاد ۾ رجسٽريشن جي عمل ۾ شريڪ ٿيا ٿين، اسان صنعتن کي هٿي ۽ وڌيڪ ٽيڪس جمع ڪري عوام تي خرچ ڪرڻ چاهيون ٿا، چيني ماڊل به اِهو ئي هو، اسان کي اختيار ڪرڻ چاهيون ٿا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *