ڪرنسي اسمگلنگ ڪيس ۾ ماڊل گرل ايان علي جي جڊيشل رمانڊ ۾ 6 جولاءِ تائين واڌ

راولپنڊي(م.ڊ) راولپنڊي جي ڪسٽم عدالت ڪرنسي اسمگلنگ ڪيس ۾ ماڊل گرل ايان علي جي جڊيشل رمانڊ ۾ 6 جولاءِ تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي. سپر ماڊل ايان علي کي اڄ به بڪتربند گاڏي ۾ روالپنڊي جي ڪسٽم جج راڻا آفتاب احمد جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، ايان علي گرفتاري کانپوءِ 11هون ڀيرو عدالت ۾ آندو ويو. ايان علي جا وڪيل لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ سندس ضمانت واري درخواست جي سلسلي ۾ مصروف هئڻ سبب ڪسٽم عدالت ۾ ٻڌڻي دوران پيش نه ٿي سگهيا. عدالت ايان علي جي وڪيلن جي پيش نه ٿيڻ تي ٻڌڻي 6 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي، جڏهن ته ايندڙ ٻڌڻي تي ايان علي جي وڪيلن کي پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. امڪان آهن ته ايندڙ ٻڌڻي تي ماڊل گرل ايان علي تي عدالت پاران فرد جرم لاڳو ڪيو وڃي، وڪيلن کي ان سلسلي ۾ دليل ڏيڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *