ڪرس گيل بگ بيش ليگ ۾ وري ٻيو مسئلو پيدا ڪري ڇڏيو

سڊني (اسپورٽس نيوز) ويسٽ انڊيز جي آل رائونڊر ڪرس گيل بگ بيش ليگ ۾ هڪ عورت رپروٽر سان بد اخلاقي ڪرڻ کانپوءِ کيس معافي ته ورتي،پر ساڳئي سدني گرائونڊ ۾ پاڻ لاءِ وري ٻيو مسئلو پيدا ڪري ڇڏيو.بگ بيش ليگ ۾ ميلبورين ريني گيڊز پاران سڊني ٿينڊرز خلاف ميچ ۾ ڪرس گيل ساٿي اوپنر بيٽسمين کي ان وقت رنس وٺڻ کان روڪيو،جڏهن کيس بهترين موقعو هو.هڪ ٽي وي کي انترويو ڏيندي رڪي پوئنٽنگ جو چوڻ هو ته اهڙي اڻوڻندڙ ۽ لالچي راند ڪڏهن به ناهي ڏٺي، ڪجهه ماڻهن کي زندگيءِ ۾ اهوئي ملندو آهي،جنهن جا هو هقدار هوندا آهن ۽ ڪرس گيل تي اڄ ڪلهه جيڪا تنقيد ٿي رهي آهي هو انهيءَ جي لائق آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *