ڪرسٽيانو رونالڊو سڀ کان مهانگي گاڏي خريد ڪري ورتي، قيمت هڪ ارب ڇاهتر ڪروڙ روپيا

پيرس(اسپورٽس نيوز) پرتگال سان تعلق رکندڙ اسٽار فٽبالر ڪرسٽيانو رونالڊو دنيا جي سڀ کان مهانگي ڪار خريد ڪري ورتي آهي، بگاٽي /ڏسو صفحو 6 بقايا نمبر 16

ڪمپني طرفان ٺاهيل ان گاڏي جي قيمت ساڍا 9 ملين پائونڊ يا 18 ملين ڊالر آهي جيڪا پاڪستاني روپين ۾ تقريبن هڪ ارب 76 ڪروڙ 8 لک 58 هزار روپيا ٺهي ٿي.برطانوي ميڊيا موجب ولنديزي فٽبالر ڪرسٽيانو رونالڊو بگاٽي لائوچر نوئر نالي ڪار خريد ڪئي آهي، ڪار جي صنعت جي شروعات کان هينئر تائين اها سڀ کان مهانگي ڪار آهي جنهن کي مارچ 2019ع ۾ نمائش لاءِ پيش ڪيو ويو هو.فرانسيسي ڪار ٺاهيندڙ ڪمپني بگاٽي پنهنجي 110 هين سالگرهه تي خاص طور تي اها تيار ڪئي هئي، بگاٽي ڪمپني طرفان 1936ع کان 1938ع دوران بگاٽي ٽائپ 57SC اٽلانٽڪ نالي 4 گاڏيون تيار ڪيون ويون هيون ۽ اها ڪار ان ئي ماڊل جي جديد شڪل آهي.ان ڪار ۾ 8.0 ليٽر ٽربو چارجڊ W16 انجڻ آهي ۽ اها 260 ميل (418 ڪلوميٽر) في ڪلاڪ جي رفتار سان ڊوڙي سگهي ٿي، بگاٽي اهو ماڊل وڪرو ٿيڻ جي تصديق ته ڪئي آهي پر ان جي مالڪ جو نالو ٻڌائڻ کان پاسو ڪيو آهي، هسپانوي اخبار موجب اها ڪار اسٽار فٽبالر ڪرسٽيانو رونالڊو خريد ڪئي آهي، جيتوڻيڪ پهريان اها دعويٰ ڪئي پئي وئي ته اها گاڏي ووڪس ويگن گ روپ جي اڳوڻي چيئرمين فرڊيننڊ پيچ خريد ڪئي هئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *