ڪرسٽيانو رونالڊو جي مجسمي ڀارت ۾ نئون تڪرار پيدا ڪري ڇڏيو

نئين دهلي  (اسپورٽس نيوز)پرتگال سان واسطو رکندڙ جڳ مشهور فٽبالر ڪرسٽيانو رونالڊو جي مجسمي ڀارت ۾ نئون تڪرار پيدا ڪري ڇڏيو.پرڏيهي ميڊيا موجب 60 ورهيه اڳ پرتگال کان آزادي حاصل ڪندڙ ڀارتي رياست گوا ۾ لڳل پرتگالي فٽبالر ڪرسٽيانو رونالڊو جي مجسمي سبب تڪرار پيدا ٿي ويو آهي.گوا م ڪرڪيٽ جي ڀيٽ ۾ فٽبال کي گهڻو پسند ڪيو ويندو آهي ۽ مقامي اختيارين جو چوڻ آهي ته اهو مجسمو نوجوانن کي متاثر ڪندو.هوڏانهن ناقدن جو چوڻ آهي ته پرڏيهين جي ڀيٽ ۾ مقامي فٽبالرن کي عزت ڏيڻ گهرجي، هونئن به ڀارتي فٽبال جي اڳوڻن ۽ هاڻوڪن رانديگرن جو واسطو گوا سان آهي.مقامي شهرين جو چوڻ آهي ته رونالڊو جو مجسمو لڳائڻ افسوسناڪ آهي، اسان کي پنهنجي رانديگرن تي فخر ڪرڻ گهرجي.واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ گوا جي شهرين رونالڊو جو مجسمو لڳائڻ خلاف احتجاج پڻ ڪيو هو ۽ چيو هو ته اها پرتگال سان آزادي جي جنگ وڙهندڙ گوا جي شهرين جي بي عزتي آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *