ڪرتارپور راهداري کولڻ جي سراهه، سعودي عرب پاڪستان ۾ 20 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري ڪندو: گڏيل پڌرنامو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) صدر عارف علوي سعودي ولي عهد محمد بن سلمان کي پاڪستان جو اعليٰ ترين سول اعزاز نشان پاڪستان /ڏسو صفحو 2 بقايا نمبر 30

عطا ڪري ڇڏيو.  ايوان صدر ۾ ٿيل تقريب ۾ وزيراعظم عمران خان ۽ صدر عارف علوي کانسواءِ ٽنهي هٿياربند فوجن جي سربراهن، چيئرمين سينيٽ، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ ڪابينا جي ميمبرن به شرڪت ڪئي.  تقريب جي شروعات قرآن پاڪ جي تلاوت سان ڪئي وئي، ٻنهي ملڪن جي قومي تراني جون ڌنون به وڄايون ويون. وزيراعظم عمران خان، صدر عارف علوي ۽ سعودي ولي عهد هڪ اسٽيج تي ويٺل رهيا. ان کان اڳ معزز مهمان وزيراعظم هائوس کان وزيراعظم عمران خان سان گڏ صدارتي بگي ۾ ويهي ايوان صدر لاءِ روانو ٿيو، جنهن دوران پريزيڊنٽ باڊي گارڊ دستي سندس سڪيورٽي سنڀالي. ساڳي رجمينٽ کي قائد اعظم محمد علي جناح جي پهرين حفاظتي جٿي جو اعزاز حاصل آهي، يونٽ 1173ع ۾ بنارس ۾ گورنر جنرل گارڊ جي نالي سان قائم ڪيو ويو. ايوان صدر پهچڻ تي محمد بن سلمان جي شاندار آجيان ڪئي وئي، جتي مرڪزي دروازي تي صدر عارف علوي معزز مهمان جي آجيان ڪئي جڏهن ته وفاقي وزير به موجود هئا. ٻئي طرف  سعودي ولي عهد محمد بن سلمان جي پاڪستاني دوري بابت پاڪستان حڪومت پڌرائي جاري ڪري ڇڏي، جنهن موجب سعودي عرب پاڪستان ۾ 20 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري جو اعلان ڪيو آهي. تفصيلن موجب پاڪستان حڪومت ولي عهد جي دوري جي سرڪاري پڌرائي جاري ڪري ڇڏي، گڏيل پڌرائي ڪجهه دير ۾ جاري ڪئي ويندي. پڌرائي موجب محمد بن سلمان وزيراعظم جي دعوت تي پاڪستان جو دورو ڪيو، پاڪستان ۽ سعودي عرب جي لاڳاپن ۾ هڪ نئون بابت رقم ڪيو ويو. سياسي، سفارتي،اقتصادي، سيڙپڪاري جو فريم ورڪ طئي ڪيو ويو، دورو سپريم ڪوآرڊينيشن ڪائونسل کي قائم ڪرڻ ٻه طرفا لاڳاپن کي مضبوط ڪندو. دوري دوران سيڙپڪاري، واپاري لاڳاپن کي ترجيح ڏني وئي، سعودي عرب پاڪستان ۾ 20 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري جو اعلان ڪيو، سعودي عرب سان معاهدن، مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون ڪيو ويون، ٻنهي ملڪن ۾ تاريخي ڀائپي وارا لاڳاپا مضبوط ٿيندا. پڌرائي موجب سعودي عرب پاران ڪرتارپور بارڊر کولڻ جي فيصلي جي ساراهه ڪئي وئي، سعودي عرب پاڪستان ڀارت کي ڳالهين جي آڇ جي ساراهه ڪئي، ٻنهي ملڪن جي علائقائي امن، مسئلن کي ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ تي اتفاق ٿيو آهي، ٻنهي ملڪن جي مسلمانن خلاف تشدد، انساني حقن جي خلاف ورزين جي مذمت ڪئي وئي. والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي انساني حقن جي خلاف ورزين کان آگاهه ڪيو  ۽ چيو ته ڪشمير مسئلي جو حل يواين ٺهراءُ، ڪشمير جي خواهشن موجب ٿيڻ گھرجي، ٻنهي ملڪن جي خطي ۾ امن امان ۽ سيڪيورٽي تي واضح موقف آهي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *