ڪراچي: 2 خانگي اسڪولن تي ڪريڪر حملا، وزير تعليم نوٽيس ورتو، رپورٽ طلب

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي علائقي گلشن اقبال بلاڪ 7 ۾ خانگي اسڪولن تي ڪريڪر سان حملا ڪيا ويا حملن وقت اسڪولن ۾ ڪوئي ٻارڙو موجود نه هو حملو ڪندڙ فرار ٿيڻ وقت دهشتگردن کي ڦاهي ڏيڻ جي عمل کي فوري روڪرائڻ لاءِ ڌمڪي وارو پمفليٽ به اڇلائي ويا. سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن ميمبرن ڪراچي جي خانگي اسڪول تي ڪريڪرحملي تي ڳڻتي ظاهر ڪندي مطالبو ڪيو ته اسڪولن جي سيڪيورٽي انتظامن ۾ اضافو ڪيو وڃي تفصيل مطابق گلشن اقبال جي علائقي بلاڪ 7 ۾ نامعلوم موٽر سائيڪل سوار خانگي اسڪول تي ڪريڪر اڇلائي فرار ٿي ويا جنهن سان علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو جڏهن ته خوشقسمتي سان ڪوئي جاني نقصان نه ٿيو حملي وقت ٻنهي اسڪولن ۾ ٻارڙا موجود نه هئا واقعي کان پوءِ پوليس واقعي واري هنڌ پهتي ۽ ثبوت گڏ ڪيا علائقي واسين جو چوڻ آهي ته موٽر سائيڪل تي آيل ٻه ڄڻا دستي بم اڇلائي فرار ٿي ويا ٻنهي جي هٿن ۾ هڪ ڪاغذ هو جيڪو انهن گهٽي ۾ اڇلايو ڪاغذ تي لکيل هو ته جيڪڏهن ڦاهين جو سلسلو بند نه ٿيو ته اسڪولن تي حملا جاري رهندا حملي وقت اسڪولن ۾ ٻارڙا موجود نه هئا ان لاءِ خوشقسمتي سان ڪنهن به قسم جو جاني نقصان ناهي ٿيو ڊي آءِ جي ايسٽ منير شيخ جو چوڻ آهي ته دستي بم حملو ظاهر ۾ اسڪولن تي ناهي ڪيو ويو هڪ ئي اسڪول جي ٻن سيڪشن جي وچئين رستي تي ڌماڪو ٿيو آهي ڊي رينجرز بلال اڪبر به اسڪولن جو دورو ڪيو جڏهن ته سنڌ جي سينيئر تعليم واري وزير نثار کهڙو گلشن اقبال ۾ اسڪولن تي ڪريڪر حملي جو نوٽيس وٺندي ايڊيشنل آءِ جي کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي جاچ لاءِ اسڪولن جي سي سي ٽي وي فوٽيج حاصل ڪئي ويئي آهي جنهن کان پوءِ صورتحال واضح ٿي سگهندي ٻئي پاسي اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت ۾ اڱاري تي ٿيل سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ اپوزيشن ميمبر نصرت سحر عباسي، هير سوهو ۽ ٻين گلشن اقبال جي خانگي اسڪولن تي ڪريڪر حملن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي انهن چيو ته قوم پهريان ئي ٻن وڏن سانحن جو ڏک اڃا وساري نه سگهي آهي ان لاءِ حڪومت کي گهرجي ته اسڪولن جي حفاظت لاءِ جوڳا قدم کڻي ايم ڪيو ايم جي هير سوهو جو چوڻ هو ته ملير جي ڪجهه علائقن ۾ پابندي مڙهيل تنظيمن پاران اسڪولن کي ڌمڪي وارا خط مليا آهن ان لاءِ حڪومت کي ان پاسي ڌيان ڏيڻ گهرجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *