ڪراچي ۾ 9 ۽ 10 محرم الحرام دوران ٽن عالمن، 13 امام بارگاهن ۽ هڪ جلوس تي حملي جو خدشو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڳجهن ادارن،9 ۽ 10 محرم الحرام دوران ڪراچي ۾ ٽن عالمن، 13 امام بارگاهن ۽ هڪ جلوس تي حملي جو خدشو ڏيکاريندَي رپورٽ اعليٰ اختيارين حوالي ڪري ڇڏي. ڳجهن ادارن پاران وفاقي توڙي سنڌ جي گهرو کاتن کي اماڻيل رپورٽ ۾ آگاهه ڪيو ويو آهي ته 9 ۽ 10 محرم الحرام دوران ڪراچي ۾ دهشتگرد حملا ٿي سگهن ٿا. رپورٽ موجب،دهشتگرد ڄاڻايل ڏينهن تي 3 ناليوارن عالمن، 13 امام بارگاهن ۽ هڪ جلوس کي نشانو بڻائي سگهن ٿا. ڳجهن ادارن جي رپورٽ ۾ اهو پڻ چيو ويو آهي ته ڪراچي ۾ دهشتگرد حملن جي ڄاڻ گرفتار ڪيل دهشتگردن وٽان ملي آهي. رپورٽ موجب، گرفتار دهشتگردن انڪشاف ڪيو آهي ته آصف ڇوٽو گروپ ڪراچي ۾ حملن لاءِ 3 گروپ جوڙيا آهن، جن مان هڪ جي ڪمانڊ هو پاڻ سنڀاليندو. ڳجهن ادارن جي رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته عالمن تي حملن جو ٽاسڪ برمي گروپ ۽ 11 امام بارگاهن تي حملن جو ٽاسڪ ٽئين گروپ کي ڏنو ويو آهي. رپورٽ موجب، ڪورنگي جون 2 ۽ اورنگي جي هڪ امام بارگاهه توڙي هڪ ماتمي جلوس آصف ڇوٽو جو هدف آهي. ياد رهي ته دهشتگرد آصف ڇوٽو جو نالو ريڊ لسٽ ۾ 17هين نمبر تي موجود آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *