ڪراچي ۾ 8 محرم الحرام جو ماتمي جلوس نشتر پارڪ مان برآمد، يا حسين جون صدائون، سيڪيورٽي انتهائي سخت

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچيءَ ۾ اَٺين محرم الحرام جو مرڪزي ماتمي جلوس کارادر جي علائقي ۾ حسينيان ايرانيان امام بارگاهه پهچي ويو ، انتظاميا پاران سڪيورٽي جا غير معمولي انتظام ڪندي جلوس جي گــُذر گاهن ۾ ايندڙ مختلف رستن ۽ دڪانن کي ڪنٽينرز لڳائي سيل ڪيو ويو، جڏهن ته وڏي انگ ۾ اهلڪار پڻ مقرر ڪيا. ڪراچيءَ ۾ 8 محرم الحرام جو مرڪزي ماتمي جلوس نشترپارڪ کان ياحسين ياحسين جي صدائن سان برآمد ٿيو، جنهن ۾ وڏي انگ ۾ عزادار شريڪ ٿيا. مرڪزي ماتمي جلوس ايم اي جناح روڊ، بولٽن مارڪيٽ ۽ ٻين روايتي رستن کان ٿيندو لياري جي علائقي کارادر پهچي ويو. پوليس سڪيورٽي پلان موجب 8 محرم الحرام جي مرڪزي ماتمي جلوس جي گــُذر گاهن جا سمورا رستا بند ڪري مارڪيٽن ۽ دڪانن کي سيل ڪيو ويو. جلوس جي سڪيورٽي لاءِ پوليس ۽ رينجرز جا وڏي انگ ۾ اهلڪار مقرر ڪيا ويا. هوڏانهن ٽريفڪ پوليس ڪراچي جي شهرين کي ايم اي جناح روڊ بدران متبادل رستو اختيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ٽريفڪ پوليس اختيارين موجب محرم الحرام جي مرڪزي جلوسن لاءِ ايم اي جناح روڊ ٽن ڏينهن لاءِ عام ٽريفڪ لاءِ بند ڪيا ويا. شهرين کي ايڪسپريس وي،سولجر بازار، ڪوريڊور ٿري ۽ شاهراهه فيصل استعمال ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *