ڪراچي ۾ 11 مهينن دوران 361 قتل، 28 هزار شهري ڦرجي ويا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سي پي ايل سي هلندڙ سال 11 مهينن دوران ٿيندڙ ڏوهن جي وارداتن جي لسٽ جاري ڪري ڇڏي آهي، جنهن موجب ڪراچي ۾ جنوري کان نومبر تائين 361 ماڻهن کي قتل ڪيو ويو. شهر ۾ امن امان جي صورتحال جي حوالي سان  سي پي ايل سي 2017ع جي 11 مهينن دوران ٿيندڙ ڏوهن جا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن. سي پي ايل سي جي رپورٽ موجب 11 مهينن دوران 361 ماڻهن کي قتل ڪيو ويو، ڦر ۽ دڳ ويندڙن کان ڦر جي وارداتن ۾ 28 هزار کان وڌيڪ شهري موبائلن ۽ ٻين قيمتي شين کان محروم ٿي ويا، جن جو ڪاٿو 28 ڪروڙ 8 لک رپين کان وڌيڪ لڳايو پيو وڃي. رپورٽ موجب 11 مهينن دوران 24 هزار 154 شهري پنهنجي موٽر سائيڪلن تان هٿ ڌوئي ويٺا، هر هڪ موٽر سائيڪل جي قيمت 40 هزار رپين جي حساب سان مجموعي طور 96 ڪروڙ 61 لک رقم ٻڌائي وڃي پئي، جڏهن ته 13 سئو شهري پنهنجي قيمتي ڪارن کان محروم ڪيا ويا، 7 لک رپين جي ايوريج سان شهري 93 ڪروڙ 17 لک رپين جون گاڏيون وڃائي ويٺا. سي پي ايل سي موجب ڀنگ لاءِ اغوا جا 11 واقعا رپورٽ ڪيا ويا، ڪراچي جي 61 شهرين ڀتا خوري جون شڪايتون ڪيون، جڏهن ته ڦورن شهر جي 8 بئنڪن مان پنهنجا هٿ صاف ڪيا.27

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *