ڪراچي ۾ گرمي وگهي فوتگيون: ذميوار راجستان ۾ ڪوئلي تي هلندڙ پاور پلانٽ قرار

اسلام آباد(بيورو)  ڪراچي ۾ گرمي وگهي فوتگين بابت جوڙيل ڪميٽي سانحي جو ذميوار ڀارتي رياست راجستان ۾ ڪوئلي جي پاورپلانٽن کي قرار ڏئي ڇڏيو، ميڊِيا رپورٽن مطابق موسميات کاتي جي اڳوڻي ڊي جي قمرالزمان چوڌري جي سربراهي م ڪراچي ۾ گرمي ۽ فوتگين جا ڪارڻ ڄاڻڻ لاءِ جوڙيل ڪميٽي ۾ صحت، موسميات، پي ڊي ايم اي، اين ڊِي ايم اي، ڊزاسٽر رسڪ رڊڪشن ۽ ٻين کاتن جا نمائندا شامل هئا، ڪميٽي پنهجي رپورٽ جي شروعاتي جملن ۾ لکيو آهي ته راجستاني علائقي ٿمبلي ۾ موجود گرال ڪول پاور پلانٽ جي گرمي پد ڪراچي جي ڏيڍ هزار شهرين جي جان ورتي، گرال پاور پلانٽ سنڌ کان رڳو ڪجهه سئو ڪلوميٽر پري آهي، جنهن ڪري ان مان نڪرندڙ دونهين جو رخ سنڌ ۾ داخل ٿيڻ سبب گرمي پد لاڳيتو وڌي رهيو آهي، رپورٽ ۾ ٻڌايوويو آهي ته گرال کانسواءِ راجستان ۾ برسنگ سر، صورت ڳڙهه، ڪوٽا ۽ ڇابڙا بجلي گهر به ڪوئلي سان هلن ٿا، جن مان زهريلو دونهون خارج ٿئيٿو. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته جيڪڏهن اهو معاملو سفارتي سطح تي نه اٿاريو ويو ته ڪراچي متاثر ٿيندو رهندو. ذريعن مطابق ڪراچي ۾ گرمي وڌڻ جي ٻين ڪارڻن ۾ گرين بيلٽ ۽ ساوڪ ختم ٿيڻ ، پاڻي موجود نه هجڻ ۽ بجلي بند رهڻ به شامل آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *