ڪراچي ۾ ڪچو شراب واپرائيندڙ وڌيڪ 3 ڄڻا فوت، انگ 28 ٿي ويو

inp 09-71ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ ڪچو شراب واپرائيندڙ وڌيڪ 3 ڄڻا فوت، فوتين جو انگ 28 ٿي ويو، اسپتال ۾ داخل 26 ڄڻن جو علاج جاري، 5 ڄڻن جي حالت اڃان به ڳڻتي جوڳي. ڪچو شراب واپرائڻ سبب جناح اسپتال ۾ داخل وڌيڪ هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو جنهن کان پوءِ فوت ٿي ويلن جو انگ وڌي 28 ٿي ويو آهي. لانڍي، ڪورنگي ۽ ٻين علائقن ۾ عيد جي رات ڪچو شراب واپرائڻ سبب بيهوش ٿيلن مان 8 ڄڻا گذريل رات جناح اسپتال ۾ فوت ٿي ويا هئا، اسپتال ۾ داخل 18 ڄڻن جي حالت اڃان به ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. هوڏانهن وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ڪچي شراب سبب ٿيل فوتگين جو نوٽيس وٺندي ڊائريڪٽرايڪسائز کي معطل ڪري ڇڏيو ۽ آءِ جي سنڌ کان معاملي جي فوري طور رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. آءِ جي سنڌ پوليس شراب ٺاهيندڙ ۽ وڪرو ڪندڙن خلاف ڪريڪ ڊائون جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته جنهن به حد ۾ ڪچو شراب ٺهندو يا وڪرو ٿيندو ان حد جي ايس ايڇ او کي معطل ڪيو ويندو. ٻئي پاسي پوليس مختلف علائقن ۾ ڪارروائي ڪري ڪچو شراب وڪرو ڪرڻ جي الزام هيٺ ڪيترن ئي ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. ٻئي طرف سنڌ جي چيف سيڪريٽري سجاد سليم هوتيانه ضلعي ڪورنگي ۾ ڪچي شراب واپرائڻ جي نتيجي ۾ ٿيل فوتگين جو سختي سان نوٽيس وٺندي اڌ ڪلاڪ جي نوٽيس تي اعليٰ سطحي اجلاس طلب ڪري ورتو. هن واضح ڪيو ته اهو واقعو اتفاقي ناهي بلڪ ان ۾ ملوث ماڻهن خلاف قانوني ڪارروائي ضروري آهي ۽ پوليس ۽ ايڪسائيز کاتن جي انهن سمورن آفيسرن ۽ اهلڪارن خلاف قاعدن ۽ ضابطن تحت يقيني ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي. چيف سيڪريٽري آئي جي سنڌ غلام حيدر جمالي کي هدايت ڪئي ته هو ڪارروائي عمل ۾ آڻي. ايڊيشنل آئي جي غلام قادر ٿيٻو اجلاس کي آگاهه ڪيو ته ڪراچي ۾ 23 ماڻهو ڪچي شراب واپرائڻ سبب فوت ٿيا آهن. ڊي ايس پي ڪورنگي ۽ ڊي ايس پي لانڍي سميت 6 ايس ايڇ اوز آهي، جن ۾ لانڍي، ڪورنگي، شاهه لطيف، زمان ٽائون، شرافي ڳوٺ ۽ ابراهيم حيدري جا ايس ايڇ اوز شامل آهن کي معطل ڪيو ويو آهي. ڊي آئي جي حيدرآباد ثناءُ الله عباسي اجلاس دوران چيف سيڪريٽري کي ٽيليفون تي ٻڌايو ته حيدرآباد ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ جيڪو واقعو پيش ٿيو هو ان ۾ ڪچي شراب پيئڻ سان 22 ماڻهو فوت ٿي ويا هئا ان واقعي بعد 2 ڊي ايس پيز ۽ 5 ايس ايڇ اوز ۽ ايڪسائيز پوليس جي 50 اهلڪارن کي معطل ڪيو ويو آهي. چيف سيڪريٽري سيڪريٽري ايڪسائيز کي هدايت ڪئي ته فوري طور تي صوبي ۾ منشيات خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪري هڪ هفتي ۾ رپورٽ پيش ڪئي وڃي. هن اينٽي نارڪوٽڪس فورس سنڌ بابت رپورٽ به هڪ هفتي ۾ طلب ڪري ورتي آهي. اجلاس ۾ ڪمشنر ڪراچي شعيب احمد صديقي، گهرو سيڪريٽري نياز علي عباسي، ڊپٽي ڪمشنر ڪورنگي زبير چنا، ڊائريڪٽر تعلقات عامه نوخيز انور صديقي ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر (جنرل) ڪراچي شاهزيب سيد به شرڪت ڪئي. چيف سيڪريٽري سجاد سليم هوتيانه چيو ته وزيراعليٰ سنڌ سيد قائم علي شاهه ان سلسلي ۾ ڀرپور رهنمائي ڪئي آهي انشاءَالله ان ڪارروائي جو منطقي انجام يقيني ٿيندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *