ڪراچي ۾ ڪچري جي سياست پئي ٿئي، علي زيدي مسئلا وڌايا، وفاق مداخلت بند ڪري: مراد علي شاهه

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو آھي تھ ڪراچي ۾ ڪچري جي سياست وڌندي پئي وڃي. قانون موجب شهر جي صفائي ۽ ڪچرو کڻڻ جو ڪم ڊي ايم سيز جڏهن ته نالن جي صفائي جو ڪم ڪي ايم سي جو آهي. هن چيو ته ڊپٽي ڪمشنرن کي ضلعي جي حساب سان ڪچرو کڻڻ جو ڪم حوالي ڪندي چيو آهي ته جتي به ڪچرو آهي انهن جون تصويرون ڪڍندي ٻڌايو وڃي ته ڪچرو گڏ ڪرڻ جا ڪيترا دڳ آهن ۽ علائقن بابت تفصيلي ڄاڻ به جمعي ڪرائي وڃي ۽ ان کانپوءِ جامع رٿابندي سان صفائي جو عمل شروع ڪيو وڃي ۽ اها ڳالهه واضح ڪئي وڃي ته صفائي جي ڪم ۾ ڪيترا ڏينهن لڳندا؟ اهڙن خيالن جو اظهار هن اڄ مقامي هوٽل ۾ سنڌ اسٽريٽيجي پلان جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته ڊي ايم سيز سنڌ سالڊ ويسٽ مينجمينٽ کي درخواست ڪئي ته هو کين علائقن جو ڪچرو کڻي. هن چيو ته اسان سنڌ سالڊ ويسٽ مينجمينٽ قائم ڪئي آهي. ڊي ايم سيز جون چونڊون ٿي وڃن ان کانپوءِ جيڪڏهن اهي ڪونسلز  چاهيندا ته سنڌ سالڊ ويسٽ مينجمينٽ ڪچرو کڻندي. سنڌ سالڊ ويسٽ مينجمينٽ ڪراچي جي ڏکڻ ضلعي ۾ پهرين ڪم شروع ڪيو آهي. چونڊن وارن ڏينهن ۾ اهو ڪم ڪجهه سست ٿي ويو هو. ڏکڻ ۽ مشرقي ضلعن ۾ سنڌ سالڊ ويسٽ مينجمينٽ ڪجهه بهتر ڪم ڪري رهي آهي. اسان جي ٻين ادارن جي علائقن ۾ جيڪڏهن ڏٺو وڇي ته اتي به ڪچرو پيل آهي، اهو به سنڌ حڪومت جي کاتي ۾ وڌو ويو. وڏي وزير چيو ته وفاقي حڪومت چيو هو ته هو ڪچرو نالن مان کڻندي. انهن اهو ڪچرو نالن مان ڪڍي کليل جاءِ تي ڦِٽو ڪيو ۽ ان کي لينڊفل سائيٽ تي نه کڻي ويا. مون وفاقي وزير علي زيدي سان پاڻ ڳالهايو هو ته ڪچرو لينڊ فل سائيٽ تي ڦِٽو ڪجي پر ان ڳالهه تي عمل نه ڪيو ويو جنهن سان مسئلا وڌيا ۽ شهر ۾ مکيون ۽ مڇرن جي ڀرمار ٿي. هنچيو ته اسان 21 سيپٽمبر کان خاص مهم ذريعي ڪچرو کڻڻ شروع ڪنداسين. آئون علي زيدي کي درخواست ڪندس ته هو 21 سيپٽمبر کان 21 آڪٽوبر تائين ڪراچي ۾ پنهنجي مهم بند ڪري. اسان ڪچرو کڻندي سمورن علائقن کي صاف سٿرو ڪري ڏيکارينداسين. هن چيو ته وفاقي حڪومت ملڪ اندر موجوده مالي مسئلن جو تدارڪ ڪري ته بهتر ٿيندو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته مونکي نيب جو نوٽيس گذريل ڏينهن مليو هو. نوٽيس بابت جڏهن ڳالهه ٻولهه ٿي ته هن چيو ته سوالنامو گهرائي وٺو. هن چيو ته هو جڏهن ڏسندو ته کيس خبر پوندي ته اهي ڇا بابت آهن؟ هن چيو ته 149 ته پري جي ڳالهه آهي پر هو ڪابه ڪميٽي سنڌ جي ايگزيڪٽو اٿارٽي جي راضپي کانسواءِ ٺاهين ٿا ته اهو آئين جي آرٽيڪل 97 جي ڀڃڪڙي آهي. هن چيو ته آئون وفاقي حڪومت کي چوان ٿو ته اوهان آئين تي عمل ڪندي پنهنجو ڪم ڪيو، ٻين صوبن جي معاملن ۾ مداخلت نه ڪريو. هن چيو ته آئي بي اي پاس استادن کي 2016 ۾ مقرر ڪيا ويا هئا ۽ انهن کي چيو ويو آهي ته اوهان سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ پيش ٿيو. جنهن تي پاس ٿي آيا آهيو اها 17 گريڊ جي پوسٽ آهي جيڪا ايس پي ايس سي کانسواءِ پُر نٿي ٿي سگهي. پرامن احتجاج ڪوبه ڪري ٿو ته ان کي اسان نٿا جهليون. مندر ٽوڙڻ بابت پڇيل سوال بابت وڏي وزير چيو ته آئون اهڙن غيراخلاقي حرڪتن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريان ٿو. ان کان پهرين تقريب کي خطاب ڪندي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته پاڻي اسان جي زندگي ۾ گهڻو اهم آهي. پاڻي جا وسيلا دنيا ۾ گهٽجن پيا جنهن ۾ پاڪستان به شامل آهي. اسان پاڻي جي وسيلن کي وڌائي نٿا سگهون پر پاڻي کي محفوظ ضرور ڪري سگهون ٿا، جنهن لاءِ سنڌ حڪومت ڪم ڪري رهي آهي. پروگرام جو انعقاد پي ايڇ اي ۽ لوڪل گورنمنٽ ڪيو هو. پروگرام جومقصد پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي، نيڪالي واري پاڻي جي پاليسي ۽ روين ۾ تبديلن لاءِ حڪمت عملي جي شروعات ڪرڻ آهي. تقريب ۾ صوبائي وزير بلديات سيد ناصر حسين شاهه، صوبائي صلاحڪار مرتضيٰ وهاب، پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ واري صوبائي وزير شبير بجاراڻي، چيئرپرسن رٿابندي ۽ ترقي ناهيد شاهه، سيڪريٽري بلديات روشن شيخ ۽ سيڪريٽري پي ايڇ اي نياز عباسي شرڪت ڪئي.  وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته صاف پيئڻ جي پاڻي تي شهرين جو حق آهي. اسان پاڻي واري شعبي کي گهڻي اهميت ڏيون ٿا. وڏي وزير چيو ته اسان گرائونڊ واٽر کي به بهتر ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون. اسان آر او پلانٽس لڳائي ٿر ۾ ڪنهن حد تائين پاڻي جي گهرجن کي پورو ڪيو آهي. جڏهن ڪنهن به علائقي ۾ آر او پلانٽ خراب هوندو آهي ته ماڻهو چون ٿا ته ان کي ٺيڪ ڪرايو وڃي. هن چيو ته اسان ڪراچي کي پاڻي پهچائڻ لاءِ ڪجهه اهم رٿائن تي ڪم ڪري رهيا آهيون. اسان لوڪل گرونمنٽ کي وڌيڪ مضبوط ڪنداسين ۽ ان کي وڌيڪ فنڊز ڏينداسين. هن چيو ته پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ ڊپارٽمنٽ جو 16-2015 ۾ بجيٽ 2.9 بلين رپيا هئا جيڪو هاڻي 4.3 بلين رپيا آهي. گذريل سال 9 بلين رپيا پي ايڇ اي جو بجيٽ هو ۽ هلندڙ سال 19 بلين رپين کان وڌيڪ آهي. هن چيو ته پي ايڇ اي صوبي جي ڳوٺاڻي علائقن ۾ پيئڻ جي پاڻي ۽ نيڪالي جي پاڻي جي ذميدار آهي. هن چيو ته اسان پنهنجي ڊيولپمينٽ پارٽنرز سان گڏجي پاڻي ۽ نيڪالي جا مسئلا حل ڪنداسين. هن چيو ته اسان هينئر تائين پوليو کي ڪنٽرول نه ڪري سگهياسين. 2017 ۾ پوليو تي ڪنٽرول ٿي ويو هو هاڻي ٻيهر اهي بيماريون ملڪ ۾ وڌي ويون آهن. هن چيو ته آئون سنڌ حڪومت پاران عوام کي خاطري ڪرايان ٿو ته پاڻي ۽ نيڪالي بابت اوهان جي مسئلن کي حل ڪنداسين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *