ڪراچي ۾ ڪورونا ڪيس: لاڪ ڊائون جو فيصلو اين سي او سي جي هدايتن تي ڪنداسين: مراد علي شاهه

ڪراچي (م.ڊ) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ڪراچي ۾ ڪورونا جي وڌندڙ ڪيسز تي لاڪ ڊائون بابت ڪوبه قدم اين سي او سي جي هدايتن سان جوڙي ڇڏيو. ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته شهر ۾ ڪورونا ڪيسز ۾ تيزي سان واڌ ٿي رهي آهي. ڪالهه ڪراچي جي تاريخ ۾ سڀني کان وڌيڪ ڪيسز رپورٽ ٿيا. پر حالتون هن وقت ڪنٽرول ۾ آهن. اسان جي سموري صورتحال تي نظر آهي. وڏي وزير چيو ته ڪورونا سبب فوتگين ۾ واڌ ناهي ٿي رهي. ڪيسز ۾ واڌ باوجود اسپتالن مٿان دٻاءُ گهٽ آهي ۽ وينٽي ليٽر تي مريضن جو انگ به گهٽ آهي. مراد علي شاهه چيو ته شهر ۾ لاڪ ڊائون بابت فيصلو اين سي او سي جي هدايتن تي ڪيو ويندو ۽ تعليمي ادارن مٿان پابندين بابت اسان جون نظرون اين سي او سي تي آهن. ملڪ جي معيشت ان قابل ناهي جو وڌيڪ پابنديون لڳايون. هن وڌيڪ چيو ته صرف سنڌ پر پوري پاڪستان ۾ ڪورونا ڪيسز وڌي رهيا آهن. انتهائي ڳڻتي جوڳي يا وينٽي ليٽر تي مريضن جو انگ وڌيڪ نه آهي. جيڪا به حڪمت عملي يا فيصلو هوندو اهو اين سي او سي سان ملي ڪنداسين. واضح رهي ته ڪراچي ۾ ڪورونا ڪيسز جي شرح ۾ تيزي سان واڌ ٿي رهي آهي ۽ گذريل 3 ڏينهن دوران شرح 15 سيڪڙو کان مٿي ٿي 29 سيڪڙو ٿي وئي آهي جڏهن ته شهر ۾ اومي ڪرون ويرينٽ جا 95 سيڪڙو کان وڌيڪ ڪيسز آهن.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *