ڪراچي ۾ ڪنهن خاص پارٽي کي نشانو بڻائڻ جو تاثر درست ناهي: رانا تنوير حسين

لاهور (اين اين آءِ) وفاقي وزير رانا تنوير حسين چيو آهي ته نيشنل ايڪشن پلان ڪاميابي سان جاري آهي، ڪراچي ۾ بنا فرق ڪارروائي ٿيون رهيون آهن، ڪنهن مخصوص جماعت خلاف ڪارروائي جو تاثر درست نه آهي، پنجاب حڪومت پاران سڄي صوبي ۾ رمضان مارڪيٽن ۾ عوام کي کاڌي پيتي جون شيون سستي اگهه تي ملي رهيون آهن، جيڪو خادم پنجاب شهباز شريف جو عوام دوستي جو چٽو ثبوت آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن آچر تي ڪوٽ عبدالمالڪ ۾ ڊي سي او شيخوپوره ڪرن خورشيد، آرگنائيز مسلم ليگ ن ضلعي شيخوپوره محمد اختر گوريا، حاجي مظفر علي ظفر، ملڪ نويد چوهاڻ سان گڏ رمضان بازار جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته لوڊشيڊنگ کان نجات لاءِ حڪومت پوري ڪوشش ڪري رهي آهي، توانائي کانسواءِ ڪو به ملڪ ترقي نٿو ڪري سگهي.، وزيراعظم محمد نواز شريف توانائي بحران کي حل ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات ڪوشش ڪري رهي آهي، ان تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ حڪومت سمورا وسيلا ڪتب آڻي رهي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *