ڪراچي ۾ ڪار تي فائرنگ، حيدرآباد جيل جو سپريٽنڊنٽ اعجاز حيدر شاهه مارجي ويو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) حيدرآباد جيل جو سپريٽنڊنٽ اعجاز حيدر شاهه، ڪراچي ۾ ڪار تي هٿياربندن جي فائرنگ ۾ مارجي ويو، جڏهن ته هڪ عورت سخت زخمي ٿي پئي، پوليس جو چوڻ آهي ته شروعاتي جاچ موجب واقعو ذاتي دشمني جو لڳي رهيو آهي پوليس موجب گلستان جوهر جي علائقي پهلوان ڳوٺ ۾ اڻڄاتل هٿياربندن سرڪاري گاڏي تي فائرنگ ڪري ڏني. فائرنگ جي نتيجي ۾ حيدرآبادجيل جو سپريٽنڊنٽ ۽ ايس پي اعجاز حيدر مارجي ويو جڏهن ته هڪ عورت سخت زخمي ٿي پئي جنهن کي جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو. ايس ايس پي ايسٽ پير محمد شاهه موجب حيدرآباد جيل جو سپريٽنڊنٽ اعجاز حيدر شاهه پهلوان ڳوٺ کان پاڻ گاڏي هلائيندي وڃي رهيو ته هٿياربندن کيس نشانو بڻايو. پير محمد شاهه موجب اعجاز حيدر شاهه جي مٿي ۽ سيني ۾ گوليون هنيون ويون جيڪو ٿڏي تي ئي مارجي ويو. ايس ايس پي موجب ايس پي اعجاز حيدر جي ڪار ۾ 3 عورتون سوار هيون جن مان زخمي عورت سندس زال هئڻ جي دعويٰ ڪري رهي آهي. پير محمد شاهه ٻڌايو ته ظاهري طور واقعو ذاتي دشمني جو لڳي رهيو آهي جڏهن ته وڌيڪ جاچ ڪئي وئي وڃي. ٻئي طرف وزيراعظم نواز شريف ۽ وڏي وزير سيد قائم علي شاهه واقعي جو نوٽيس ورتو آهي. وزيراعظم واقعي جي مذمت ڪندي سنڌ حڪومت کان رپورٽ طلب ڪري ورتي. وڏي وزير سيد قائم علي شاهه، آءِ جِي سنڌ پوليس غلام حيدر جمالي ۽ ڪراچي پوليس چيف غلام قادر ٿيٻي کي سي ايم هائوس طلب ڪري اعجاز حيدر جي قتل واري واقعي بابت بريفنگ ورتي. غلام قادر ٿيٻي، وڏي وزير کي ٻڌايو ته شروعاتي جاچ رپورٽ موجب واقعو ذاتي دشمني جو لڳي رهيو آهي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *