ڪراچي ۾ ڌانڌلين باوجود اسان مينڊيٽ تسليم ڪيو: مولابخش چانڊيو

ڪراچي (اين اين آءِ) مشير اطلاعات سنڌ مولابخش چانڊيو پيپلزپارٽي تي بلدياتي نمائندن جي خريد ۽ وڪرو جي الزام کي رد ڪندي چيو ته پيپلزپارٽي جي حڪومت کي ڪراچي ۾ بلدياتي نمائندن جي خريد ۽ وڪرو جي ضرورت نه آهي اسان جي تصور ۾ به نه آهي ته ڪراچي ۾ ڌانڌلي ڪيون بلدياتي چونڊن کان پوءِ اسان مينڊيٽ کي تسليم ڪيو هو جمعي تي ڪراچي ايڪسپو سينٽر ۾ جنگ ڊريم هوم ايڪسپو جي افتتاح کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪري رهيو هو مولابخش چانڊيو چيو ته صوبي وفاق جي خلاف بغاوت جي ڪائي ڳالهه ناهي ڪئي جڏهن ته صوبائي خودمختياري جي حد ۾ رهي پنهنجي تحفظات جو اظهار ڪيو آهي هن چيو ته اسان جمهوريت جي تسلسل لاءِ مسلم ليگ (ن) جي حڪومت جي مدد ڪئي ۽ اجايو تنقيد برداشت ڪئي. هن چيو ته مان (ن) ليگ جي نيت تي ڪڏهن به سئو سيڪڙو اعتبار نٿو ڪيان هن ڊريم هوم ايڪسپو کي ساراهيو ۽ چيو ته هتي هڪ پليٽ فارم تي ڪراچي جا سمورا ماڻهو پنهنجي گهر بابت معلومات حاصل ڪري سگهن ٿا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *