ڪراچي ۾ ٿاڻي اندر جوابدار فوت، وارثن جي اسپتال ۾ ڀڃ ڊاهه، ڊي ايس پي ۽ ايس ايڇ او سميت 4 اهلڪار گرفتار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ ٿاڻي اندر قيد جوابدار پراسرار نمو ني فوت ٿي ويو، سندس لاش جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي سندس وارثن پهچي سخت احتجاج ڪندي جناح اسپتال روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، آءِ جي سنڌ واقعي جو نوٽيس وٺندي ڊي ايس پي ۽ ايس ايڇ او سميت 4 پوليس اهلڪارن کي معطل ڪري ڇڏيو، جن کي حراست ۾ وٺي جاچ جو حڪم ڏنو ويو آهي. چيو پيو وڃي ته پووليس بلديا جي علائقي مان 2 جون تي ٽن ڀائرن کي گرفتار ڪيو هو، جن مان هڪ نوجوان اڄ صبح ٿاڻي اندر فوت ٿي ويو، سندس سڃاڻپ وسيم ابا جي نالي سان ڪئي وئي، اهڙي خبر پوندي ئي وسيم جا مڇريل مائٽ جناح اسپتال پهچي ويا ۽ مرده خاني ۾ ڀڃ ڊاهه ڪئي،جتي لاش پهچايو ويو هو، ان موقعي تي پوليس جا وڏا اٽالا به پهچي ويا، مڇريل ماڻهن احتجاج دوران سادا ڪپڙا پهريل هڪ پوليس اهلڪار کي تشدد جو نشانو پڻ بڻايو، جنهن کي سندس ساٿي اهلڪارن ۽ ٻين ماڻهن ڇڏائي ورتو، هوڏانهن ڊي آءِ جي اولهه ڪراچي منير شيخ واقعي جو نوٽيس وٺندي ايس ايڇ او کي معطل ڪندي سندس عهدي ۾ به گهٽتائي ڪري ڇڏي آهي. آءِ جي سنڌ جي حڪم تي معطل ڪيل ايس ايڇ او سميت ٽن اهلڪارن کي گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته جاچ لاءِ ڪاميٽي پڻ جوڙي وئي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *