ڪراچي ۾ پ پ جو سمنڊ اڄ اٿلندو، 30 هزار کان وڌيڪ اهلڪار مقرر

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پيپلز پارٽي طرفان اڄ ڪراچي ۾ رٿيل جلسي جون تياريون چوٽ چڙهيل آهن، ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۽ آزاد ڪشمير مان قافلن جي آمد جو سلسلو جاري آهي،جڏهن ته سڪيورٽي خدشن سبب اڄ ڪراچي ۾ موبائل فون سروس بند رکي ويندي. ڪراچيءَ ۾ قائداعظم جي مزار ٻاهران روڊن رستن ۽ چوڪن سميت جلسي گاهه کي پي پي جي جهنڊن ۽ بينرز سان سينگاريو ويو آهي،جڏهن ته سڪيورٽي جا انتظام به سخت ڪيا ويا آهن. سنڌ حڪومت سڪيورٽي خدشن سبب سڀاڻي ڪراچي ۾ موبائل فون سروس بند رکڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. جلسي جي حوالي سان پوليس ايمرجنسي سڪيورٽي پلان تيار ڪري ورتو آهي جنهن تحت جلسي ۾ آپگهاتي حملي جو خدشو آهي. پوليس جي سڪيورٽي پلان موجب جلسي گاهه ۾ موبائل فون ۽ پاڻي جون بوتلون آڻڻ تي پابندي هوندي. جناح گرائونڊ جي چوڌاري ڪنٽينر لڳائي جلسي گاهه جي سڪيورٽي سخت ڪئي وئي آهي جڏهن ته ان کان اڳ حساس علائقن ۾ سرچ آپريشن به ڪيو ويو. پ پ جي جلسي لاءِ سنڌ پوليس جا 22 هزار 500 اهلڪار سڪيورٽي جا انتظام سنڀاليندا جڏهن ته سنڌ ريزو پوليس ۽ رينجرز جي واڌو نفري به طلب ڪئي وئي آهي. ايڊيشنل آءِ جي پوليس غلام قادر ٿيٻو سڪيورٽي جي نگراني جا فرض سنڀاليندو. ان کانسواءِ ڪارساز پل،پيپلز چورنگي سميت شهر جي ٻين علائقن، مک روڊن ۽ چوراهن تي ڪارڪنن طرفان آجيان واريون ڪئمپون پڻ لڳايون ويون آهن. ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ قائم ڪيل ڪيمپن تي جيالن جي سڄو ڏينهن رش لڳل رهي ٿي، جتي دلان تير بجا ۽ ٻين پارٽي جي گيتن تي نوجوان رقص ڪندا رهن ٿا.20 فٽ اوچو ۽ 320 فٽ ڊگهو اسٽيج تيار ڪيو ويو، سيڪيورٽي جا غيرمعمولي انتظام ڪيا ويا آهن، جڏهن ته سڄي ملڪ مان هزازين قافلا جلسي ۾ شرڪت لاءِ روانا ٿي ويا آهن، ڪيتريون ئي استقباليه ڪئمپون به لڳايون ويون آهن. پيپلز پارٽي طرفان سڀاڻي ڪراچي ۾ جناح باغ ۾ رٿيل جلسي جون تياريون آخري مرحلي ۾ داخل ٿي ويون آهن، 24 ڪنٽينرز ذريعي 20 فٽ اوچو ۽ 320 فٽ ڊگهو اسٽيج تيار ڪيو ويو آهي. جلسي لاءِ سيڪيورٽي انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا آهن، جلسي لاءِ 30 هزار کان وڌيڪ اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن، جنهن ۾ رينجرز ۽ ڪمانڊوز به شامل آهن… جلسي گاهه ۽ آس پاس وارن علائقن ۾ 2 سئو کان وڌيڪ ڳجهون ڪئمرائون لڳايون ويون ۽ جلسي کي مانيٽر ڪرڻ لاءِ بس ڪنٽرول روم پڻ ٺاهيا ويا آهن. جلسي گاهه ڏانهن ايندڙ ويندڙ رستن نمائش چورنگي، شاهراه قائدين، پيپلز سيڪريٽريٽ، لائينز ايريا ۽ ٻين روڊن کي ڪنٽينر رکي سيل ڪيو ويو آهي، آس پاس وارا روڊ رستا سيل ڪري واڪ ٿرو گيٽ پڻ لڳايا ويا آهن… جلسي گاهه ۾ شرڪت لاءِ 6 گيٽ ٺاهيا ويا آهن، هر گيٽ تي ڊي آءِ جي رينڪ جو آفيسر مقرر هوندو.. گاڏين جي پارڪنگ جو بندوبست پڻ جلسي گاهه کان 2 ڪلوميٽر پري ڪيو ويو آهي، جلسي ۾ ڊرون ڪئرامون اڏائڻ تي پڻ پابندي لڳائي وئي آهي. جلسي گاهه ۾ پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن جو وڏو انگ موجود آهي، جتي ميلي وارو سماءَ نظر اچي رهيو آهي… سڄي ملڪ مان پ پ جا هزارين قافلا جلسي ۾ شرڪت لاءِ ڪراچي ڏانهن روانا ٿي چڪا آهن، جڏهن ته ڪيترن ئي شهرن ۾ استقباليه ڪئمپون پڻ لڳايون ويون آهن..

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *