ڪراچي ۾ پيءُ پٽ ۽ ٻه عورتن سميت 4 ڄڻا قتل، 5 ڏوهاري مارجي ويا

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ملير ويجهو رينجرز سان مقابلي ۾ سنگين وارداتن ۾ ملوث لياري گينگ وار جا 5 جوابدار مارجي ويا، رينجرز ترجمان مطابق جوابدارن جي موجودگي جي خفيه اطلاع  تي وڏي نفري سان ملير ندي ويجهو ڇاپو هنيو ته رينجرز اهلڪارن تي فائرنگ شروع ڪري ڏني جوابي ڪارروائي ۾ لياري گينگ وار جا 5 جوابدار مارجي ويا مارجي ويلن ۾ شيراز عرف ڪامريد، اڪبر مليري، خالد لاشاري ۽ غلام حسين به شامل آهن، اڪبر مليري عرب پنجابي لياري گينگ وار ملير جو ڪمانڊر هو ۽ گينگ وار جي جوابدار سهيل دادا جو ڀيڻائو هو، جوابدارن جا لاش جناح اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن، رينجرز ترجمان جو چوڻ آهي ته مقابلي ۾ مارجي ويل جوابدار قتل  ۽ ڀتاخوري سميت سنگين ڏوهن جي وارداتن ۾ گهربل ئا جوابدار ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ ڏوهاري اڏا به هلائيندا هئا. ٻئي طرف اورنگي ٽائون ۾ اڻڄاتل ماڻهن فائرنگ ڪري مذهبي تنظيم جي ڪارڪن پيءُ ۽ پٽ کي قتل ڪري ڇڏيو، ڪراچي جي علائقي اورنگي ٽائون نمبر 11 ۾ اسلام چوڪ ويجهو 2 موٽرسائيڪل سوار اتي موجود 2 ڄڻن تي فائرنگ ڪري فرار ٿي ويا جنهن جي نتيجي ۾ ٻئي ڄڻا موقعي تي ئي مارجي ويا، لاشن کي عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي ٻنهي جي سڃاڻپ اختر ۽ اطهر  جي نالن سان ٿي ٻئي مقتول پيءُ، پٽ هئا، اهلسنت والجماعت جو چوڻ آهي ته فائرنگ سبب مارجي ويل ٻئي ڄڻا انهن جي تنظيم جا ڪارڪن هئا. چڪرا ڳوٺ سميت ٻين هنڌن تان ٻه عورتن جا لاش هٿ ڪيا ويا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *