ڪراچي ۾ پوليس جي 2 ڊي ايس پيز تي حملو، هڪ قتل، ٻيو محفوظ رهيو. 2 اهلڪار زخمي

ڪراچي(م.ڊ) ڪراچي جي علائقي گلشن اقبال ۾ پوليس جي گاڏي تي فائرنگ جي نتيجي ۾ ڊي ايس پي  ٽريفڪ فيض الله شگري مارجي ويو جڏهن ته ٻه اهلڪار سخت زخمي ٿي پيا. ڪراچي ۾ گلشنِ اقبال جي ڪنيز فاطمه سوسائٽي ۾ واقعو پيش آيو، جتي اڻڄاتل دهشتگردن پوليس جي گاڏي تي فائرنگ ڪري ڏني. فائرنگ جي نتيجي ۾ ڊي ايس پي فيض الله شگري سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال نيو پئي ويو پر هُو بچي نه سگھيو. ڊي ايس پي فيض الله شگري سان گڏ ٻه ٻيا اهلڪار به زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال آندو ويو آهي. ٻئي طرف وڏي وزير مراد علي شاهه واقعي جو نوٽيس ورتو،  وڏي وزير آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه کان واقعي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي، مراد علي شاهه  جوابدارن جي فوري گرفتاري جو حۡڪم به جاري ڪيو آهي. ٻئي طرف  ڪراچي ۾ پوليس جي گاڏين تي فائرنگ جا واقعا وڌي ويا، گلشن اقبال کانپوءِ گلستان جوهر ۾ ڊي ايس پي گلبرگ جي گاڏي تي حملو ڪيو ويو. پوليس ذريعن موجب ڪراچي جي علائقي گلستان جوهر ۾ اڻڄاتل هٿياربندن ڊي ايس پي گلبر ظفر محمود جي گاڏي تي حملو ڪيو. فائرنگ جي نتيجي ۾ ڊي ايس پي گلبرگ ظفر محمود محفوظ رهيو جڏهن ته پوليس جي جوابي فائرنگ کنپوءِ جوابدار فرار ٿي ويا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *