ڪراچي ۾ پوليس اهلڪارن جي شهادت تي افسوس آهي: عمران خان

اسلام آباد (بيورو) عمران خان چيو آهي ته پاناما ليڪس جي جاچ لاءِ هو رڳو چيف جسٽس جي سربراهي ۾ عدالتي ڪميشن قبول ڪنداسين. تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته پاناما ليڪس جي جاچ لاءِ هو رڳو چيف جسٽس جي سربراهي ۾ عدالتي ڪميشن قبول ڪندا، پارلياماني ڪاميٽين اڳ ڇا ڪيو جو هاڻ ڪجهه ڪنديون.اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته هن وقت ملڪ جو سڀ کان وڏو مسئلو ڪرپشن آهي.هن چيو ته قومي ايڪشن پلان تي مڪمل عمل ڪرڻو پوندو، ڪراچي ۾ 7 پوليس اهلڪارن جي شهادت تي کين ڏک پهتو آهي.عمران خان چيو ته هڪ سال ۾ دهشتگردي گهٽ ضرور ٿي آهي، پر هو جنگ اڃا نه کٽيا آهن.سندس چوڻ هو ته ملڪ ۾ امن لاءِ سمورن هٿياربند جٿن خلاف ڪارروائي ٿيڻ گهرجي.هڪ سوال جي جواب ۾ عمران خان چيو ته سنڌ ۽ پنجاب پوليس ۾ ميرٽ کي تباهه ڪيو ويو آهي.هن چيو ته پنجاب پوليس ۾ غلط ڀرتيون ٿيون آهن، ان ڪري صوبي جي پوليس جي حالت خراب آهي.عمران خان چيو ته پنجاب پوليس جو اهو حال آهي جو اها ڌاڙيلن جي هڪ ٽولي خلاف به اثرائتي ڪارروائي نه ڪري سگهي. –

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *