ڪراچي ۾ پشاور سانحي جهڙو واقعو ٿيو ته ذميوار حڪمران هوندا: الطاف حسين

لنڊن (مانيٽرنگ ڊيسڪ) متحده قومي موومينٽ جي اڳواڻ الطاف حسين چيو آهي ته ڪراچي جي ڪنهن به اسڪول تي آرمي پبلڪ اسڪول تي حملي جيان ڪوئي واقعو ٿيو ته حڪمران ان جا ذميوار هوندا اڱاري تي لنڊن مان جاري پنهنجي بيان ۾ الطاف حسين چيو ته پشاور ۾ آرمي پبلڪ اسڪول تي طالبان دهشتگردن جي حملي ۽ معصوم ٻارڙن جي قتل عام کان پوءِ دهشتگردن پاران ڪراچي ۾ به اسڪولن تي دهشتگردن جي حملن جو خطرو هو پر ان جي باوجود به صوبائي حڪومت پاران ڪراچي جي اسڪولن تي تحفظ ۽ ڪراچي جي اسڪولن جي معصوم بارڙن کي دهشتگردن جي حملن کان محفوط رکڻ لاءِ جوڳا قدم ناهن کنيا ويا دهشتگردن گلشن اقبال بلاڪ 7 ۾ اسڪولن تي دستي بم اڇلايا ۽ سولائي سان فرار ٿي ويا الطاف حسين چيو ته جيڪي دهشتگرد اسلام جي نالي تي اسڪولن جي معصوم ٻارڙن کي پنهنجي دهشتگردي جو نشانو بڻائي رهيا آهن اهي ڪنهن به صورت اسلام ۽ مسلمانن جا دوست نه آهي هي انسانيت جا دشمن آهن ۽ هي عنصر ڪنهن به قسم جي رعايت جي مستحڪ نه آهن جيڪڏهن خدا نه ڪري ڪراچي جي ڪنهن به اسڪول تي آرمي پبلڪ اسڪول تي حملي جهڙو ڪوئي واقعو ٿيو ته حڪمران ان جا ذميوار هوندا حڪومت ۽ سمورا قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ڪراچي ۾ اسڪولن جي تحفظ لاءِ جلد قدم کڻن. اسڪولن جي استادن کي جلد هٿيارن جا لائسنس ڏنا وڃن ۽ رياستي وسيلا ڪتب آڻي انهن دهستگردن کي چٿيو وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *