ڪراچي ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ ٻيهر شروع، 4 قتل، مقابلي ۾ 5 دهشتگرد مارجي ويا

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪورنگي جي بنگالي پاڙي ۾ نامعلوم هٿياربندن فائرنگ ڪري 3 ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو. ڪورنگي اڍائي نمبر جي علائقي بنگالي پاڙي ۾ ڪشتي واري بلڊنگ جي ڀرسان 2 موٽرسائيڪلن تي سوار 4 هٿياربند فارنگ ڪري فرار ٿي ويا. فائرنگ ۾ 3 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا جن کي فوري طور تي اسپتال منتقل ڪيو پئي ويو ته اُهي رستي ۾ ئي زخمن جا سور نه سگهندي فوت ٿي ويا. واقعي کانپوءِ پوليس موقعي تي پهچي گولين جي خول سميت ٻيون شاهديون گڏ ڪري جانچ شروع ڪري ڇڏي. ٻئي پاسي ڪورنگي ساڍا 3 نمبر ۾ فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو آهي. مقتول جي لاش کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. ڪراچي جي ڪائونٽر ٽيررزم ڊپارٽمينٽ، اورنگي ٽائون ۾ ڪارروائي دوران ٻن ڪمانڊرن سميت القاعده جي 5 دهشتگردن کي مارڻ جِي دعويٰ ڪئي آهي. سي ٽي ڊي جَي انچارج راجا عمر خطاب ميڊيا کي ٻڌايو ته ڪائونٽر ٽيررزم ڊپارٽمينٽ دهشتگردن جِي موجودگي واري اطلاع تي اورنگي ٽائون جَي علائقي خيرآباد ۾ ڇاپو هنيو ته گهر اندر لڪل دهشتگردن فائرنگ شروع ڪري ڏني. راجا عمر خطاب چيو ته ڪائونٽر ٽيررزم ڊپارٽمينٽ جَي اهلڪارن جي جوابي فائرنگ ۾ 5 دهشتگرد مارجي ويا. سي ٽي ڊي جَي انچارج چيو ته مارجي ويل دهشتگردن مان ٽن ڄڻن جِي عثمان، ابراهيم ۽ نورالحسن عرف هاشم طور سڃاڻپ ٿي وئي آهي. راجا عمر خطاب اهو به ٻڌايو ته مارجي ويل دهشتگردن جو تعلق القاعده سان آهي، جن ۾ 2 ڪمانڊر به شامل آهن. سي ٽي ڊي جَي انچارج جو وڌيڪ چوڻ هو ته دهشتگردن خيرآباد واري علائقي بارود جي فيڪٽري پڻ قائم ڪئي هئي، جتان وڏي انگ هٿيار پڻ هٿ ڪيا ويا آهن. اي آءِ جي سنڌ غلام قادر ٿيٻو چيو آهي ته ڪراچي ۾ ڏوهن جو ريشو گهٽجي ويو آهي جڏهن ته اغوا ۽ ڀنگ جون وارداتون ختم ڪري ڇڏيون آهن. هن چيو ته جيڪو ڪم وزيرستان ۾ فوج ڪيو اهيو ڪراچي ۾ پوليس ۽ رينجرس ڪيو. هاڻي تازو آپريشن شهر جي حالات ۾ ڪافي فرق پيو آهي. ڪراچي ۾ هڪ سيمينار کي خطاب ڪندي هن چيو ته ڪراچي ۾ اغوا ۽ تائيوان جي وارداتن ختم ٿي ويون آهن ڪراچي ۾ هلندڙ آپريشن سان شهر جا حالتن ۾ ڪافي فرق پيو آهي اسان سڀئي ملي ڪري ڪراچي جو امن قائم ڪرائينداسين ، اسان جي تربيت عام ڏوهن کي روڪڻ جي آهي. دهشتگردي جو  وڏو واقعيو ڪراچي ايئرپورٽ ۾ ٿيو. ملڪيتن جا ڪيس کي مشاعدو ڪرڻ مشڪل ڪم آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *