ڪراچي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن سبب رينجرز کي خاص اختيار ڏنا ويا آهن: مولا بخش چانڊيو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اطلاعات بابت وڏي وزير جي صلاحڪار مولا بخش چانڊيو چيو آهي ته ڪراچي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن سبب رينجرز کي خاص اختيار ڏنا ويا آهن، سڪيورٽي ادارن سنڌ ۾ ڏوهن تي ضابطو  آندو آهي. ڪراچي مان جاري ڪيل بيان ۾ مولا بخش چانڊيو چيو ته ڪراچي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن سبب رينجرز کي خاص اختيار ڏنا ويا آهن. هن چيو ته رينجرز آرٽيڪل 174 تحت سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ پوليس جي مدد لاءِ موجود آهي، سڪيورٽي ادارا امن جي بحالي لاءِ بهتر ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪري رهيا آهن. مولا بخش چانڊيو وڌيڪ چيو ته رينجرز کي ڪراچي آپريشن سبب خاص اختيار ڏنا ويا آهن، جڏهن ته ٻين ضلعن لاءِ خاص اختيار ناهن گهريا ويا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *