ڪراچي ۾ هڪ ويڙهاڪ ٽولو تشدد ۽ دهشتگردي کي هوا ڏيڻ ۾ ملوث آهي: رينجرز

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) رينجرز سنڌ چيو آهي ته ڪراچي ۾ هڪ ويڙهاڪ ٽولو تشدد ۽ دهشتگردي کي هوا ڏيڻ ۾ ملوث آهي، جڏهن ته رينجرز تي الزام ۽ چيڪ پوسٽن تي حملا ان سلسلي جي ڪڙي آهن، اڄ صبح ڪراچي ۾ ٻن مختلف هنڌن تي رينجرز جي چوڪين تي دستي بم حملن جي حوالي سان رينجرز جي ترجمان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته ڄاڻايل ويڙهاڪ ٽولو شهر ۾ مختلف ماڻهن کي تشدد وارين ڪاررواين لاءِ ڀڙڪائي رهيو آهي، هن چيو ته رينجرز اهڙين حرڪتن جو سختي سان نوٽيس ورتو آهي ۽ اهڙين ڪاررواين لاءِ ڀڙڪائيندڙ ماڻهن کي ترت گرفتار ڪيو ويندو، رينجرز جي ترجمان عوام کي اپيل ڪئي ته اهي اهڙن ملڪ دشمن عنصرن جي ڏٽن ۾ نه اچن. واضح هجي ته اڄ ايم ڪيو ايم اڳواڻ ڊاڪٽر فاروق ستار پريس ڪانفرنس ۾ رينجرز تي ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن کي وفاداريون مٽائڻ لاءِ دٻاءُ وجهڻ جو الزام مڙهيو هو.001

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *