ڪراچي ۾ هٿياربندن هٿان 2 عورتن سميت 6 ڄڻا قتل، مارجي ويلن ۾ هڪ ٽڪ ٽاڪر جوڙو  به شامل

ڪراچي (اين اين آءِ) گارڊن پوليس هيڊڪوارٽر ويجهو موٽر سائيڪل ۽ رڪشا سوار ٽارگيٽ ڪلرز ڪار ۾ ويٺل ٽڪٽاڪر جوڙي ۽ ان جي ٻن دوستن کي ڪار مان لاهي سرعام گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو جڏهن ته هن واقعي کان 4 ڪلاڪ اڳ بوٽ بيسن تي به موٽر سائيڪل تي پاڙيسرياڻي سان گڏ گهمندڙ هوٽل جي ويٽر ۽ ان جي پاڙيسرياڻي کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو پوليس مقتول عورت جي مڙس ڊبو ڪلب جي مالڪ کي جاچ ۾ شامل ڪري ورتو ڪجهه ڪلاڪ ۾ شهر جي ريڊ زون ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ ٻن واقعن ۾ ٻن عورتن سميت 6 ماڻهن جي قتل کان پوءِ پوليس  آفيسرن ۾ ڦڙڦوٽ پئجي ويئي. تفصيل موجب اڱاري جي صبح گارڊن پوليس هيڊڪوارٽر ويجهو انڪل سريا اسپتال جي سامهون موٽر سائيڪل ۽ رڪشا سوار جوابدارن هونڊا سٽي ڪار کي ٽارگيٽ ڪري ڪار تي گوليون هلايون ڪار ۾ پوئين سيٽ تي ويٺل عورت مسڪان ٿڏي تي ڌم ڏنو ڪار ۾ سوار 3 نوجوان ڪار مان لهي ڀڄڻ لڳا ته جوابدارن پويان لڳي کين وچ روڊ تي گوليون هلايون جوابدار پنجن منٽن ۾ فائرنگ ڪري فرار ٿي ويا. ٽنهي زخمي نوجوانن کي اايڌي ۽ ڇيپا ايمبولنسز جي ذريعي سول اسپتال منتقل ڪيو جتي ٽئي زخمي زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويا. پوليس موجب مارجي ويل نوجوانن جي سڃاڻپ ريحان شاهه، صدام ۽ عامر خان جي نالي سان ٿي پوليس موجب جوابدارن ڪار جي پويان لڳڻ کان پوءِ ڪار تي فائرنگ ڪئي واقعي واري هنڌ تان گولين جا 9 کول پوليس کي مليا آهن مارجي ويل ٻن نوجوانن وٽ پاڪستان قومي رضاڪار پي ڪيو آر جو ڪارڊ مليا آهن پوليس ٻڌايو ته ڪار جي پوين شيشن تي گولين جا ٻه نشان هو هڪ نوجوان ڀڄي انڪل سريا اسپتال ۾ ويو هو لاش اتان مليو. مارجي ويل پاڻ ۾ دوست هئا. مقتول عورت مسڪان موت کان اڳ پنهنجي ٽڪٽاڪر فرينڊ عامر سان سوشل ميڊيا ايپ ٽڪ ٽاڪ تي وڊيو به اپ لوڊ ڪئي هئي عامر بلديه جو  ٽاپ ٽڪ ٽاڪر هو. مقتول عورت مسڪان پهريان بلديه ۾ رهندي هئي ڪجهه عرصو اڳ لانڍي شفٽ ٿي ويئي هئي ذريعن ٻڌايو ته سمورا دوست ماني کائڻ کان پوءِ مسڪان کي ڇڏڻ لانڍي وڃي رهيا هئا ذريعن ٻڌايو ته مسڪان تي ڪجهه ڏينهن به انهن جو جهيڙو ٿيو هو قتل جو سبب به مسڪان لڳي ٿي پوليس واقعي واري هنڌ تان سي سي ٽي وي فوٽيج ۽ مقتولن جي موبائيل ڊيٽا جي مدد سان جوابدارن جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي ٻئي پاسي هن واقعي کان 4 ڪلاڪ اڳ ريڊ زون ڪلفٽن بلاڪ پنج ۾ گهٽي اندر ڇتي فائرنگ سان عورت سميت 2 ڄڻا مارجي ويا. اطلاع تي پوليس ۽ ريجرس جا اٽالا ٿڏي تي پهتا جڏهن ته مقتولن جا لاش جناح اسپتال پهچايا ويا. مقتول جي موٽر سائيڪل واقعي واري هنڌ تي پيل ملي جنهن تي نمبر پليٽ نه لڳل هئي ان حوالي سان ڊي آءِ جي ڏکڻ جاويد اڪبر رياض ٻڌايو ته جنهن هنڌ تي واقعو ٿيو آهي اها اونداهي گهٽي اهي جڏهن ته پوليس کي واقعي واري هنڌ تان 30 بور پسٽل جا 6 کول مليا  آهن هن وڌيڪ ٻڌايو ته اکين ڏٺن شاهدن جو چوڻ آهي ته فائرنگ کان پوءِ هڪ اڇي رنگ جي پراڊو گاڏي کي تيز رفتار ۾ ويندي ڏٺو ويو آهي جڏهن ته هڪ موٽر سائيڪل تي سوار ٻن ڄڻن کي به ڏٺو ويو جڏهن ته اهو چوڻ وقت کان اڳ هوندو ته فائرنگ ۾ گاڏي سوار ملوث آهن جڏهن ته اهو به ٿي سگهي ٿو ته فائرنگ جا آواز ٻڌي گاڏي ۾ سوار ماڻهو ڊپ وچان اتان تيزي سان نڪري ويا هجن. مقتول جي سڃاڻپ عدنان ولد شفيع الله جي نالي سان ٿي آهي جيڪو هجرت ڪالوني جو رهواسي ۽ ان جو اباڻو ڳوٺ ڪوهاٽ جي علائقي گمبٽ سان ٻڌايو پيو وڃي ايس پي ڪلفٽن توحيد رحمان جو چوڻ هو ته مقتول عورت جي سڃاڻپ عيني سال طوفان خان جي نالي سان ٿي آهي مقتول عورت ۽ نوجوان پاڙيسري هئا ٻنهي جي پٺيان لڳي اونداهي گهٽي ۾ بيهاري ويجهي کان ٽارگيٽ ڪيو ويو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *