ڪراچي ۾ نئون آپريشن شروع ڪيو ويو آهي، والدين پنهنجن ٻارن کي ٽارگيٽ ڪلرز بڻجڻ کان بڇائين: ڊي جي رينجرز

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڊي جي رينجرز سنڌ بلال اڪبر شهرين کي پيغام ڏيندي چيو آهي ته والدين پنهنجن ٻارن کي ٽارگيٽ ڪلرز بڻجڻ کان بڇائين، ڊي جي رينجرز ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته نام نهاد اڳواڻن جو ڪوبه ٻار ٽارگيٽ ڪلرز ناهي، اُهي ماڻهو ٻارڙن کي ايئن ٽارگيٽ ڪلرز بڻائي رهيا آهن جيئن آپگهاتي بمبار، ڊي جي رينجرز جو چوڻ هو ته ڪنهن دهشتگرد جو ٻار آپگهاتي بمبار ناهي بڻايو، ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ به اُهو ئي ٿي رهيو آهي. سندن ٻار ڪاروبار ڪري رهيا آهن پرڏيهه ۾ پڙهي رهيا آهن، ٻارن کي آپگهاتي بمبار وانگر ٽارگيٽ ڪلرز بڻائي رهيا آهن. ميجر جنرل بلال اڪبر جو چوڻ هو ته ڪراچي ۾ نئون آپريشن شروع ڪيو ويو آهي. دهشتگرد ۽ ٽارگيٽ ڪلرز خلاف سخت ڪارروائي شروع ٿي وئي آهي. ٽارگيٽ ڪلرز جي ڪنهن به صورت ۾ مدد ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. هن چيو ته آخري ٽارگيٽ ڪلرز جي خاتمي تائين آپريشن جاري رکنداسين جيڪي ڪراچي جو امن خراب ڪري رهيا آهن انهن کي سختي سان منهن ڏنو ويندو. امن امان جي قيام لاءِ هر ممڪن قدم کنيو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *