ڪراچي ۾ مک به مري ٿي ته احتجاج ۽ هڙتال ڪئي وڃي ٿي: وزيراعظم

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) وزيراعظم نوازشريف چيو آهي ته ڪراچي مک به مري ٿي ته احتجاج ٿئي ٿو جيڪڏهن احتجاج ۽ هڙتالون بند ٿي وڃن ته ماڻهو خوشحال ۽ ملڪ ترقي ڪرڻ لڳندو. ايوان صنعت ۽ تجارت جي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم جو چوڻ هو ته ڪراچي ۾ هڙتالون نه ٿين ته هتي سرمائيڪاري ايندي ۽ شهر ۾ ميٽرو هلڻ لڳندي، تمام جلد ڪراچي حيدرآباد موٽروي تي ڪم شروع ٿيڻ وارو آهي، جڏهن اقتدار ۾ آياسين ته چئلينجز تمام گهڻا هئا پر هاڻي انهن گهٽتائي آئي آهي پر ڪراچي ۽ بلوچستان سميت سڄي ملڪ جي سيڪيورٽي کان غافل ناهيون. هن چيو ته ايندڙ 10 سالن ۾ گوادر پورٽ کي فري پورٽ بڻائينداسين جنهن کانپوءِ ملڪ جي تقدير بدلجي ويندي جڏهن ته 2017ع تائين ملڪ مان بجلي جي کوٽ ختم ڪئي يوندي، بجلي جي لوڊشيڊنگ ختم ڪرڻ نه پر اُن کي سستو ڪرڻ به اسان جو فرض آهي. وزيراعظم چيو ته ٿر ۾ 330 ميگاواٽ بجلي جا 2 منصوبا لڳي رهيا آهن جنهن لاءِ ٿر جو ڪوئلو استعمال ٿيندو جڏهن ته نئين پلانٽ ۽ مشينري تي ڊيوٽي ختم ڪرڻ جي تجويز آئي آهي جنهن تي سوچي سگهجي ٿو ملڪ ۾ سرمائيڪاري آڻڻ لاءِ پرڏيهه مان پلانٽ آندا وڃن ۽ پيداوار ڏيڻ کانپوءِ اُن جي ڊيوٽي ادا ڪئي وڃي ته اُن ۾ ڪوبه حرج ناهي جڏهن ته حڪومت بزنس ڪونسل بڻائيندي جنهن سان گڏ روزاني جي بنياد تي ميٽنگ ٿيندي. ان کان اڳ ۾ وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته ڪراچي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين جاري رهندو، صفورا سانحي ۾ ملوث دهشتگردن کي گرفتار ڪيو آهي، اميد آهي ته عدالتون کين جلد سزا ڏينديون، گوادر کي سينٽرل ايشيا سان ملائڻ ۽ فوري پورٽ بڻائڻ لاءِ ڪم جاري آهي، بلوچستان کي ٻين صوبن کان اڳتي وٺي وينداسين. حب ۾ ملڪ جي سڀ کان وڏي تيل ڪارخاني جي توسيع منصوبي جي افتتاح تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم نواز شريف چيو ته بلوچستان قدرتي وسيلن سان مالامال آهي، تيل پيدا ڪندڙن ملڪ کي وڏي اهميت حاصل آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ تيل جي پيدوار ضرورتن لاءِ ڪافي نه آهي، ملڪ ۾ 22 ملين ٽن تيل استعمال ٿي رهيو آهي پر پيداوار 13 ملين ٽن آهي. وزيراعظم چيو ته اڄ جي دور ۾ تيل جي پيدوار ضرورت بڻجي چڪي آهي، منصوبن تي عمل ڪري ملڪ کي اڳتي وڌائي سگهجي ٿو، تيل ۽گيس ۾ پاڻڀرو ٿيڻ لاءِ ڪجهه وقت لڳندو. نواز شريف چيو ته بلوچستان جي خوشحالي لاءِ منصوبا ٺاهي رهيا آهيون، سندس خواهش آهي ته گوادر کي خوبصورت فري پورٽ بڻايون، جيڪا ملڪي تاريخ ۾ پهرين فري پورٽ هوندي. وزيراعظم نواز شريف چيو ته گوادر کي سينٽرل ايشيا سان ڳنڍيو ويندو ۽ بلوچستان کي ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ اڳتي وٺي وينداسين ۽ هڪ ڏينهن اندر ته بلوچستان پر امن صوبو بڻجي ويندو. هن چيو ته بلوچستان ۾ جاري منصوبن دوران 16 پورهيت شهيد ٿي چڪا آهن پر ان باوجود ايف ڊبليو او جو ڪم جاري آهي ۽ پورهيتن تي حملن ۾ ملوثن کي پڪڙيو آهي، کين ڪيفر ڪردار تائين پهچايو ويندو. ڪراچي جي صورتحال تي ڳالهائيندي وزيراعظم نواز شريف چيو ته ڊسمبر 2013 ۾ٽارگيٽڊ آپريشن شروع ٿيڻ بعد صورتحال ۾ بهتري آئي آهي، آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين آپريشن جاري رهندو. وزيراعظم نواز شريف چيو ته صفورا سانحو بزدلاڻو واقعو آهي، معصومن کي قتل ڪندڙن کي پڪڙيو ويو آهي، اميد آهي ته کين جلد سزا ملندي، ڏوهن ۾ ملوث جوابدارن کي سالن، يا مهينن نه پر هفتن اندر سزا ملڻ گهرجي. وزيراعظم نواز شريف دعويٰ ڪئي ته اتر وزيرستان پاڻي پر امن علائقو بڻجي چڪو آهي، آپريشن ضرب عضب کانپوءِ  جو فيصلو سوچي سمجهي ڪيو ويو. ان موقعي تي وزيراعظم نواز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر ٽن سالن اندر لوڊشيڊنگ ختم ڪرڻ جو به اعلان ڪيو. وزيراعظم چيو ته ٿر جي ڪوئلي مان به بجلي پيدا ڪئي ويندي، جنهن سان توانائي بحران ختم ڪرڻ ۾ مدد ملندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *