ڪراچي ۾ موٽرسائيڪل سوارن لاءِ اڄ کان هيلمٽ پائڻ لازمي قرار

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ اڄ کان موٽرسائيڪل سوارن لاءِ هيلمٽ پائڻ لازمي هوندو، ڀڃڪڙي ڪندڙ تي ڏيڍ سئو رپيا ڏنڊ لڳندو،  ٽريفڪ پوليس موٽرسائيڪل سوارن لاءِ هيلمٽ پائڻ لازمي قرار ڏني آهي، جنهن تي اڄ سومر کان عمل ٿيندو، ڊي آءِ جي ٽريفڪ امير شيخ جو چوڻ آهي ته هيلمٽ جو استعمال لازمي قرار ڏيڻ وارو فيصلو عوام جي تحفظ لاءِ ڪيو ويو آهي، عورتون به موٽرسائيڪل تي سواري دوران هيلمٽ پائڻ جون پابند هونديون، ٽريفڪ پوليس پهرين جون کان هيلمٽ پائڻ لازمي قرار ڏنو هو، جنهن ۾ 8 جون تائين واڌ ڪئي وئي هئي، جيڪا اڄ ختم ٿي رهي آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *