ڪراچي ۾ ملٽري پوليس جي گاڏي تي دهشتگردن جو حملو، 2 اهلڪار شهيد

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ ايم اي جناح روڊ تي ملٽري پوليس جي گاڏي تي اڻڄاتل ماڻهن جي فائرنگ جي نتيجي ۾ 2 اهلڪارشهيد ٿي ويا.پوليس ذريعن مطابق ايم اي جناح روڊ تي تبت سينٽر جي ويجهو ملٽري پوليس جي گاڏي تي اڻڄاتل ماڻهن ٻنهي پاسن کان فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ ٻه اهلڪار سخت زخمي ٿي ويا. جن کي طبي مدد لاءِ جناح اسپتال موڪليو ويو ، جتي زخمن جا سور نه سهندي ٻئي اهلڪار شهيد ٿي ويا. پوليس، رينجرز ۽ حساس ادارن جي اهلڪارن فائرنگ واري هنڌ پهچي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو ۽ ثبوت گڏ ڪري ورتا، شهيد ٿي ويل اهلڪارن جي سڃاڻپ حوالدار ارشد ۽ لانس نائڪ راشد جي نالن سان ٿي آهي.سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه واقعي جو نوٽيس وٺندي آئي جي سنڌ کان رپورٽ گهري ورتي آهي، جڏهن ته صدر ممنون حسين ۽ وزيراعظم نواز شريف واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي، آئي ايس پي آر تصديق ڪئي آهي ته فائرنگ ملٽري پوليس جي گاڏي تي ڪئي وئي، جنهن ۾ سوار ٻنهي اهلڪارن کي مٿي ۾ گوليون لڳيون ۽ اهي شهيد ٿي ويا، اي آئي جي ڪراچي مشتاق مهر ٻڌايو ته ملٽري پوليس جي گاڏي تي ٻٽون ٻڌل هٿياربندن فائرنگ ڪئي، ذريعن مطابق واقعي واري هنڌان هڪ شڪي ماڻحو کي گرفتار ڪري اڻڄاتل هنڌ نيو ويو. ڪراچي ۾ آرمي جي ٻن جوانن تي حملي جي صدر ممنون حسين، وزيراعظم نواز شريف، گورنر سنڌ، وڏي وزير، صوبائي گهرو وزير ۽ ٻين سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي، گورنر سنڌ ۽ وڏي وزير واقعي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي، وزيراعظم جو چوڻ آهي ته قربانيون ڏيندڙ بهادر جوانن تي کيس فخر آهي، امن ۽ استحڪام ڪراچي جو مستقبل آهي. ڪراچي جي ايم اي جناح روڊ تي هٿياربندن جي فائرنگ ۾ ملٽري پوليس جي ٻن اهلڪارن شهادت جي صدر ممنون حسين سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. وزيراعظم نواز شريف آرمي جي ٻن جوانن جي شهادت جي سخت مذمت ڪندي ڏکويل خاندانن سان همدردي جو اظهار ڪيو آهي.وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته اهڙن بزدلاڻي حملن سان سندن حوصلا ڪمزور نه ٿيندا، جوانن پاڪستان جي امن لاءِ پنهنجون جانيون قربان ڪيون آهن، قربانيون ڏيندڙ بهادر جوانن تي کيس فخر آهي، امن ۽ استحڪام ڪراچي جو مستقبل آهي.گورنر سنڌ ڊاڪٽر عشرت العباد، وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ۽ صوبائي گهرو وزير سهيل انور سيال فائرنگ جي واقعي جو نوٽيس ورتو، آءِ جي سنڌ پوليس ۽ ڪراچي پوليس جي چيف کان رپورٽ طلب ڪئي وئي آهي، جڏهن ته پوليس کي واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي جلد کان جلد گرفتار ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي وئي آهي. وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ڪور ڪمانڊر ڪراچي ليفٽيننٽ جنرل نويد مختار سان فون تي رابطو ڪيو، جنهن دوران وڏي وزير اهلڪارن جي شهادت تي ڏک جو اظهار ۽ ڄاڻ کان آگاهه ڪيو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *