ڪراچي ۾ مقابلو، 13 دهشتگرد مارجي ويا

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي علائقي الاآصف اسڪوائکر ڀرسان پوليس مقابلي ۾ 13 دهشتگرد مارجي ويا آهن جڏهن ته هڪ کي هٿيارن سميت گرفتار ڪيو ويو آهي. ايس ايس پي ملير رائوانوار موجب پوليس ٽيم دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي الاآصف اسڪوائر جي ڀرسان هڪ گهر تي ڇاپو هنيو ته پوليس ورديون پهريل دهشتگردن فائرنگ ڪئي ۽ دستي بمن سان حملو ڪيو جنهن جو اهلڪار ڀرپور جواب ڏنو ۽ مقابلي ۾ 13 دهشتگرد مارجي ويا. رائو انوار موجب مارجي ويل دهشتگردن مان 6 جو تعلق القائده ۽ 7 جو پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان سان آهي ۽ اُهي تارگيٽ ڪلنگ، اغوا ۽ ڀنگ سميت ڪيترن ئي ڏوهن ۾ ملوث هئا دهشتگردن جي قبضي مان وڏي انگ ۾ هٿيار ۽ ڌماڪيدار ماڌو، آپگهاتي جيڪٽس به هٿ ڪيا ويا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *