ڪراچي ۾ ماڻهو مرن پيا ۽ سنڌ جو وڏو وزير افطار پارٽيون ڏيڻ ۾ مصروف آهي: اسد عمر

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پيپلز پارٽي جي اڳواڻ نويد قمر چيو آهي ته لاهور ۾ 700 ماڻهو مرن ها ته حڪومت لُڏي وڃي ها، پي ٽي آءِ جي اسد عمر چيو آهي ته ڪراچي ۾ ماڻهو مري رهيا آهن ۽ وڏو وزير افطار پارٽيون منعقد ڪرڻ ۾ مصروف آهي، جيڪا انساني المئي تي ٺٺول برابر آهي، رشيد گوڊيل چيو آهي ته ڪراچي ۾ قبرون وڪامي رهيون آهن، پئسا نه هجڻ سبب ماڻهو ميتون دفنائڻ لاءِ پريشان آهن. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي پ پ اڳواڻ نويد قمر چيو ته بجلي جي لوڊشيڊنگ جي ذميوار نيپرا آهي. هن چيو ته 700ماڻهو لاهور ۾ مرن ها ته حڪومت لُڏي وڃي ها. نويد قمر چيو ته تيل جي کوٽ تي اوگرا سربراهه کي هٽايو ويو هو پر بجلي جي کوٽ تي ڪنهن جي به خلاف ڪارروائي نه پئي ٿئي. هن چيو ته وفاقي حڪومت جو سنڌ سان رويو نا انصافي تي ٻڌل آهي. پي ٽي آءِ جي اسد عمر ڳالهائيندي چيو ته ڪراچي ۾ گرمي وگهي انساني جانيون ضايع ٿي رهيون آهن. هن چيو ته ڪراچي جي صورتحال تي سياستدانن جي بيانبازي انتهائي افسوسناڪ عمل آهي. هن چيو ته وفاقي وزير خواجه آصف جو اهو چوڻ ته ڪراچي سندس مينڊيٽ ۾ نٿي اچي، انتهائي افسوس جوڳو بيان آهي. هن چيو ته ڪراچي جيڪڏهن ڪنهن جي مينڊيٽ ۾ نه ٿي اچي ته پوءِ اتان ٽيڪس ڇو پيو اوڳاڙيو وڃي. اسد عمر سنڌ حڪومت جي سربراهه تي به تنقيد ڪئي، سندس چوڻ هو ته ڪراچي ۾ ماڻهو مرن پيا ۽ وڏو وزير افطار پارٽي ڏيڻ ۾ مصروف آهي. اسد عمر جو چوڻ هو ته ڪراچي سڙي رهيو آهي ۽ حڪومت کي ڪا به پرواهه نه آهي. هن چيو ته وفاق کي ڪراچي جو عوام رڳو ٽيڪس اوڳاڙڻ وقت ياد اچي ٿو. اسد عمر چيو ته صوبائي حڪومت ڪراچي صورتحال جي ذميواري کڻڻ لاءِ تيار ناهي ۽ وفاق وري پنهنجي استدلال ڏئي رهيو آهي ته پوءِ آخر ڪراچي جو ماڻهو صورتحال جو ذميوار ڪنهن کي سمجهي ۽ ڪنهن کان پڇي ته هي ملڪ اندر ڇا ٿي رهيو آهي. ايم ڪيو ايم جي رشيد گوڊيل چيو ته ڪراچي ۾ هڙتال ٿيندي آهي ته سڀ دانهون ڪندا آهن، باقي جيڪڏهن اتي ماڻهو مري رهيا آهن ته ڪنهن کي ڪا پرواهه ئي نه آهي. رشيد گوڊيل جو چوڻ هو ته ڪراچي کي حق نه ٿا ملن، ڪراچي کي حق ملندا ته هڙتال ڇو ٿيندي؟ هن چيو ته هڙتال جي خلاف آهيون، پر ڪراچي کي حق ڏنا وڃن، جيڪڏهن حق نه ملندا ته مسئلا ٿيندا. رشيد گوڊيل چيو ته ڪراچي سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته حالت اها آهي ته ڪراچي ۾ گرمي وگهي مرندڙ ماڻهن لاءِ هاڻي سرد خانن ۾ لاش رکڻ جي گنجائش ختم ٿي وئي آهي، جڏهن ته قبرون وڪرو ٿي رهيون آهن. هن چيو ته ڪالهه هڪ همراهه کي پنهنجي هڪ ميت دفنائڻي هئي پر ان وٽ قبر جي خريداري لاءِ 35 هزار رپيا نه هئا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *