ڪراچي ۾ لوڊشيڊنگ جي ذميوار ڪي اليڪٽرڪ آهي: خواجه سعد رفيق

گجرانوالا (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ريلوي واري وفاقي وزير خواجه سعد رفيق چيو آهي ته بي بي سي پرڏيهي خابرو ادارو  آهي، ايم ڪيو ايم بابت رپورٽ تي حتمي راءِ نٿي ڏئي سگهجي، ڪراچي ۾ بجلي بحران جو ذميوار ڪي اليڪٽرڪ آهي، آصف علي زرداري وڏي اپوزيشن پارٽي جو سربراهه آهي، فرار ٿيڻ واريون خبرون افواهه آهن. گجرانولا ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خواجه سعد رفيق چيو ته بي بي سي پرڏيهي خابرو ادارو آهي، ايم ڪيو ايم بابت رپورٽ تي حتمي راءِ نٿي ڏئي سگهجي. هــن چيو ته آصف علي زرداري اپوزيشن پارٽي جو سربراهه آهي،  سندس پرڏيهه فرار ٿيڻ بابت افواهه غلط آهي. سندس چوڻ هو ته ايم ڪيو ايم بابت برطانوي خابرو اداري بي بي سي جي رپورٽ تي ملڪي ادارا ڪم ڪري رهيا آهن، پر هـــــو ان بابت حتمي راءِ نٿو ڏئي سگهي. خواجه سعد رفيق بجلي بحران تي ڳالهائيندي چيو ته ڪراچي ۾ لوڊشيڊنگ جي ذميوار ڪي اليڪٽرڪ آهي، سنڌ جي راڄڌاني شهر ۾ پلانٽ بند ڪرڻ بابت وفاقي حڪومت نوٽيس ورتو آهي. پاڻي ۽ بجلي واري وزير چيوت ه رمضان شريف جي ڀلاري مهيني ۾ سحري ۽ افطار دوران لوڊشيڊنگ ۾ واڌ ٿي، بجلي بحران تي گهڻي حدتائين ضابطو آندو ويو آهي. خواجه سعد رفيق وڌيڪ چيو ته آئيسڪو، گيسڪو، ميپسڪو، ۽ ٻين شهرن کي 100سيڪڙو بجلي فراهم ڪئي پئي وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *