ڪراچي ۾ لان جي نون ڪپڙن جي نمائش لاءِ فيشن شو، عورتون موهجي پيون

ڪراچي(شوبز نيوز) : ڪراچي ۾ لان جي ڪپڙن جي نئين ڊزائن پيش ڪرڻ لاءِ رنگا رنگ فيشن شو ٿيو، عورتن وڻندڙ ايمبر ائيڊي وارا ڪپڙا خوب پسند ڪيا، ڪراچي جي مقامي مال ۾ لان جي ڪپڙن جي نئين مقامي برانڊ کي لانچ ڪرڻ لاءِ فيشن شو ٿيو، جنهن ۾ ماڊلز جديد ڀرت ۽ ٿوري ايمبرائيڊري سان سينگاريل لباس ريمپ تي پيش ڪيا،ان موقعي تي ڊزائنر افشان فاروق چيو ته هن پنهنجي ڊزائنر ۾ روايت ۽ جدت ٻنهي کي گڏ ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، فيشن شو ۾ عورتن جو وڏي انگ موجود هو، جن ڪپڙن ۾ گهري دلچسپي ڏيکاري.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *