ڪراچي ۾ قلم ڌڻي دهشتگردن جي نشاني تي، 24 ڪلاڪن اندر 2 صحافي قتل

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جـي تختگاهه ڪراچي ۾ دهشتگردن ٽريفڪ پوليس کانپوءِ قلم ڌڻين کي نشانو بڻائڻ شروع ڪري ڇڏيو، اڻڄاتل هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 24 ڪلاڪن اندر هڪ ٻيو سينيئر صحافي آفتاب عالم مارجي ويو. سينيئر صحافي آفتاب عالم نارٿ ڪراچي واري علائقي ۾ پنهنجن ٻارن کي وٺڻ لاءِ اسڪول وڃي رهيو ته يو پي موڙ وٽ موٽرسائيڪل سوار ٻن هٿياربندن مٿس انڌاڌنڌ فائرنگ ڪري ڏني. امدادي ٽيمن واقعي واري هنڌ پهچي آفتاب عالم کي فوري طور عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو، جتان جي ڊاڪٽرن سندس فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي. ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته منهن ۾ لڳل گولي آفتاب عالم جي موت جو سبب بڻي. ڊي ايس پي الطاف حسين ميڊيا کي ٻڌايو ته آفتاب عالم کي گهر ٻاهران فائرنگ ڪري قتل ڪيو ويو. ڊي ايس پي موجب، واقعي واري هنڌ تان نائين ايم ايم پسٽل جا 3 خول مليا آهن. هوڏانهن سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه صحافي آفتاب عالم جي قتل جي مذمت ڪندي آءِ جي سنڌ کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. سينيئر صوبائي وزير نثار احمد کهڙي پڻ آءِ جي سنڌ سان رابطو ڪري واقعي بابت تفصيل معلوم ڪيا. نثار کهڙَي، آءِ جي سنڌ کي هدايت ڪئي ته ولي بابر جيان آفتاب عالم جي قاتلن کي به گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي. ٻئي طرف 24 ڪلاڪن اندر ٻئي صحافي جِي قتل تي صحافتي حلقن ۾ ڏک ۽ ڪاوڙ جي لهر پکڙجي وئي. صحافين حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته صحافين کي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي بنا دير گرفتار ڪري سخت کان سخت سزا ڏني وڃي. ياد رهي ته گذريل رات به خانگي ٽي وي چيئنل جي هڪ صحافي کي قتل ڪيو ويو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *