ڪراچي ۾ فائرنگ ۽ تشدد جا واقعا، وڌيڪ 4 ڄڻا مارجي ويا، 15 گرفتار ، هٿيار هٿ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچيءَ ۾ فائرنگ ۽ تشدد جي واقعن ۾ هڪ ٻار سميت وڌيڪ 4 ڄڻا مارجي ويا، مختلف علائقن ۾ رينجرز ٽارگيٽڊ ڪارروائين دوران 7 ڏوهارين سميت 15 ڄڻن کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو. پوليس موجب گارڊن واري علائقي ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ اڻڄاتل شخص مارجي ويو. ريڪسر ندي ۽ لياري ندي مان تشدد ٿيل هڪ ٻار سميت ٻن ڄڻن جا لاش مليا، جڏهن ته ڀينس ڪالوني مان اڻڄاتل شخص جو گوليون لڳل لاش مليو جن جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي. رينجرز ترجمان موجب ملير جي علائقي باون شاهه ۾ رينجرز ڪارروائي ڪري 7 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو. ترجمان ٻڌايو ته گرفتار جوابدار سنگين ڏوهن ۾ ملوث آهن جن جي قبضي مان ايس ايم جــِي گن سميت ٻيا هٿيار، منشيات ۽ شراب برآمد ٿيو آهي. هوڏانهن گلستان جوهر جي علائقي پهلوان ڳوٺ ۾ رينجرز سرچ آپريشن ڪيو، ان دوران علائقي ڏانهن ويندڙ سمورن رستن کي سيل ڪيو ويو ۽ ڪجهه رهائشي عمارتن ۾ ڇاپا به هنيا ويا. ان دوران 8 ڄڻن کي شڪ جي بنياد تي حراست ۾ وٺي اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪيو ويو جن کان پڇا ڳاڇا جاري آهي جڏهن ته حراست ۾ ورتل ماڻهن جي سڃاڻپ نه ٻــُڌائي وئي آهي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *