ڪراچي ۾ غيرقانوني طريقن سان حاصل ٿيندڙ رقم لياري گينگ وار۽ بااثر شخصيتن ۾ ورهائي وڃي ٿي: ڊي جي رينجرز سنڌ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڊي جي ريجنرز ايپيڪس ڪميٽي کي بريفنگ ڏيندي چيو ته غير قانوني طريقن سان ملندڙ پئسا سنڌ جي بااثر شخصتين ۾ برابر طريقي سان ورهايا ويندا آهن،ايراني ڊيزل جي اسمگلنگ ۾ سنڌ جا بااثرماڻهو شامل آهن۽ زمينن جي قبضي ۾ ڪراچي جون وڏيون سياسي پارٽيون ملوث آهن،ڊي جي رينجرز وڌيڪ ٻڌايو ته گينگ وار ڌرين ۾ ماهوار پئسا برابر موڪليا ويندا آهن. ڊي جي ريجنرز بريفنگ ۾ چيو ته زمينن تي قبضي جي سرپرستي سياسي شخصيتون ڪنديون آهن.اهي پئسا هٿيار وٺڻ ۽ انهن کي استعمال ڪندڙن کي پالڻ ۾ ڪم ايندا آهن.زڪوات ۽ فطري جي نالي تي زبردستي پئسا ورتا ويندا آهن.قربانين مان ملندڙ پئسا به دهشتگرد سرگرمين جو اهم حصو هوندا آهن، گهوسٽ ملازمن جي ڀرتين لاءِ به ماهوار ڪروڙين رپيا ورهيا ويندا آهن. سندس چوڻ هو ته پاڻي جي  غير قانوني ورهاست ۾ به ڪروڙين روپيا ورتا ويندا آهن

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *