ڪراچي ۾ سرڪاري ملازمن کي اڌ ڏينهن موڪل، وڏو وزير جوش ۾ اچي ويو، اڳواٽ ئي بند پيل اسڪولن ۾ به موڪل جو اعلان ڪري ڇڏيو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ڪراچي ۾ سخت گرمي سبب اڄ سرڪاري آفيسن ۾ موڪل ڪري ڇڏي، اهڙو نوٽيفڪيشن منجهند جو 12 لڳي 35 منٽن تي جاري ڪيو ويو، سنڌ اسيمبلي ۾ جوشيلي تقرير ڪندي وڏي وزير سرڪاري ملازمن لاءِ موڪل جو اعلان ته ڪيو پر هو جوش ۾ اڳواٽ ئي گرمين جي موڪلن سبب بند پيل اسڪول ٻيهر بند ڪرڻ جو اعلان به ڪري ويو.وڏي وزير جو چوڻ هو ته ڪراچي ۾ ٿيل موتن تي سياست نه ڪئي وڃي، گرمي سبب ٿيل فوتگين تي اسان کي به افسوس آهي، هن چيو ته ڏڪار سڀني جي دور ۾ ايندو رهندو آهي، پر مان ڪنهن جو نالو کڻي معاملي کي تڪراري بڻائڻ نه ٿو چاهيان، هن ٻين پارٽين کي به اها ئي صلاح ڏني ته هن معاملي تي سياست ڪرڻ بدران ڏک جو اظهار ڪيو وڃي. سيد قائم علي شاهه چيو ته ڪٿي نه ڪٿي غفلت ضرور ٿي آهي پر بجلي جا معاملا وفاقي حڪومت سنڀالي رهي آهي، اسان ڪراچي ۾ لوڊشيڊنگ جي معاملي تي لاڳاپيل اختيارين سان رابطي ۾ آهيون. سندس چوڻ هو ته ڪراچي ۾ گرمي سبب فوتگين جي معاملي تي سڀاڻي ايوان کي ٻڌائيندس ته سنڌ جو عوام صوبائي حڪومت جي ڪارڪردگي مان ڪيتري حد تائين مطمئن آهي، ڪراچي جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو اهڙيون اوچتيون فوتگيون ڏسڻ ۾ آيون آهن، اڄ به مختلف علائقن ۾ 15 ماڻهن جي فوت ٿيڻ جا اطلاع آهن. وڏي وزير چيو ته حڪومت بجلي جي بحران جي خاتمي لاءِ قدم کڻي رهي آهي، دڪان رات جو 9 وڳي بند ڪرڻ جو فيصلو به ان سلسلي جي ڪڙي آهي، موجوده صورتحال کي نظر ۾ رکندي جيڪڏهن ماڻهن رات جو خريداري نه به ڪئي ته خير جي ڳالهه آهي. هن چيو ته سڄي سنڌ جي ڪمشنرن کي فوري ايمرجنسي سينٽر قائم ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، ڊزاسٽر مينيجمينٽ جو نمبر به اخبارن ۾ ڇاپرائينداسين ته جيئن عوام سهولتن لاءِ رابطو ڪري سگهي. سيد قائم علي شاهه جي خطاب دوران مخالف ڌر جا ميمبر نعرا هڻندا ۽ اسپيڪر آعا سراج دراني کين چپ رهڻ لاءِ چوندو رهيو. ان موقعي تي وڏي وزير اپوزيشن جي نعريبازي تي ٽوڪ ڪندي چيو ته اهو اسيمبلي ميمبرن جو اخلاق آهي جنهن جو مظاهرو ڪيو پيو وڃي، مخالف ڌر جا ميمبر شايد پهريون ڀيرو ايوان ۾ آيا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *