ڪراچي ۾ رت جي راند، ٻن پوليس اهلڪارن سميت 5 ڄڻا مارجي ويا

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچيءَ ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن باوجود رت جــِي راند جاري آهي، فائرنگ جي واقعن ۾ ٻن پوليس اهلڪارن سميت 5 ڄڻا مارجي ويا. سهراب ڳوٺ ۾ پــُل تي اڻڄاتل هٿياربندن جي فائرنگ سبب 2 ڄڻا مارجي ويا. امدادي ٽيمن جي اهلڪارن، ٻنهي ماڻهن کي بنا دير ڀرپاسي واري اسپتال پهچايو ويو جتي ٻنهي مقتولن جي سڃاڻپ پوليس اهلڪارن جي حيثيت سان ٿي پر نالا معلوم نه ٿي سگهيا. هوڏانهن پهاڙ گنج واري علائقي ۾ هٿياربندن هڪ دڪان تي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ نوجوان مارجي ويو جڏهن ته مقتول جي سڃاڻپ 30 ورهين جي لطيف طور ٿي. بلديا ٽائون واري علائقي ۾ پڻ هٿياربندن هٿان هڪ شخص مارجي ويو جڏهن ته آخري اطلاعن تائين مقتول جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي هئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *