ڪراچي ۾ دهشتگردي ڀارت مان سکيا ورتل ايم ڪيو ايم ڪارڪن ڪن ٿا، نديم نصرت هدايتون ڏيندو آهي: ايس ايس پي رائو انوار

ڪراچي (اسٽآف رپورٽر) ايس ايس پي ملير رائو انوار چيو آهي ته ان ڳالهه ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته ايم ڪيو ايم جا ڪجهه ڪارڪن ڀارت مان سکيا وٺندا آهن، ڪجهه عرصو اڳ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن کي گرفتار ڪري ڀارتي ڳجهي ايجنسي ” را“ سان تعلق جو انڪشاف ڪندڙ ايس ايس پي رائو انوار جي ان ڳالهه کي بي بي سي جي رپورٽ کانپوءِ وڌيڪ هٿي ملي آهي. هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي رائو انوار چيو ته ڪراچي ۾ ٿيندڙ ڏوهن ۽ دهشتگردي ۾ ايم ڪيو ايم جي انهن ڪارڪنن جو هٿ هوندو آهي، جيڪي ڀارت مان سکيا وٺي ايندا آهن. هن چيو ته ايم ڪيو ايم ۾ نوجوانن جا مختلف گروپ آهن، ان وٽ اهڙا شوٽر به آهن، جيڪي جتي حڪم ملي اتي گولي هلائيندا آهن. ايس ايس پي ملير جو چوڻ هو ته لنڊن مان ايم ڪيو ايم اڳواڻ نصرت نديم ۽ ٻي قيادت ڪوڊ استعمال ڪري ڪارڪنن کي هدايتون ڏيندي آهي. سندس چوڻ هو ته جاويد لنگڙا ڀارت ۾ ايم ڪيو ايم جي ڇوڪرن کي سکيا ڏيندو آهي، امتياز عرف گڊو به ٻڌايو ته سندن سکيا ڀارت ۾ ٿي،رائو انوار چيو ته ڪافي انگ ۾ اهڙا ڪيترائي نوجوان اڃا باقي آهن، جن کي گرفتار ڪرڻو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *