ڪراچي ۾ دهشتگردي جو منصوبو ناڪام، 9 دهشتگرد مارجي ويا

ملير( عرفان ميمڻ) نيشنل هاءِ وي جي ڀرسان پوليس آپريشن ۽ مقابلي ۾ 9 دهشتگرد مارجي ويا آهن. ايس ايس پي ملير راؤ انوار موجب نيشنل هاءِ وي تي محمد ميان ڳوٺ ۾ دهشتگردن جي موجودگيءَ جي اطلاع تي آپريشن ڪيو ويو، ڪارروائي ۾ 200 کان وڌيڪ اهلڪارن حصو ورتو. پوليس کي ڏسندي ئي دهشتگردن فائرنگ ڪئي ۽ دستي بمن سان حملو ڪيو، پوليس جي جوابي ڪارروائي ۾ 9 دهشتگرد مارجي ويا آهن، راؤانوار جو چوڻ هو ته دهشتگردن جي قبضي مان گذريل ڏينهن قائدآباد ۾ پوليس اهلڪارن کان ڦريل سرڪاري هٿيار ۽ بارودي مواد سان ڀريل هڪ رڪشو هٿ ڪيو آهي جنهن مان اندازو ٿئي ٿو ته دهشتگرد محرم الحرام جي موقعي تي دهشتگردي جو منصوبو بڻائي رهيا هئا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *