ڪراچي ۾ دهشتگردن جو خاتمو ڪري ئي سک جو ساهه کڻنداسين: شرجيل ميمڻ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته ٽارگيٽڊ آپريشن ڪنهن به سياسي  جماعت خلاف نه آهي، سڀ کان وڌيڪ ڪارروايون لياري ۾ ٿيون آهن، جڏهن ته ماضيءَ ۾ علائقي واسين کي نظر انداز پڻ ڪيو ويو. لياري جي ڪڪري گرائونڊ جو دورو ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي شرجيل ميمڻ چيو ته پيپلز پارٽي 26  اپريل تي لياري ۾ جلسو ڪندي. هن چيو ته قبضا مافيا خلاف پوري سنڌ ۾ آپريشن هلي رهيو آهي، جڏهن ته سنڌ ۾ هڪ هزار کان وڌيڪ گوسڙو ملازمن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي. صوبائي وزير چيو ته هو ڪراچي کي رول ماڊل بڻائڻ چاهين ٿا، ڇو ته ڪراچي معاشي حب آهي. هن چيو ته سندن ترقياتي ڪمن لاءِ پوري سنڌ ۾ مهم جاري آهي. شرجيل ميمڻ چيو ته پوري سنڌ ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ ڏوهارين خلاف ڪارروائي جو سلسلو بند نه ٿيندو. ڏوهارين خلاف آهي ۽ ڪراچي ۾ سڀ کان وڌيڪ ٽارگيٽيڊ آپريشن لياري ۾ ٿيا ، نبيل گبول جي بيانن جي باري ۾ هن چيو ته نبيل گبول ڪوڙو ماڻهو آهي، ان کي جواب ڏيڻ ان جو قد وڌائڻ برابر آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *