ڪراچي ۾ جون 2021 تائين نالن تان قبضا هٽائڻ ۽ صفائي ڪرائڻ جو فيصلو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي ترقياتي ڪمن بابت صوبائي رابطه ۽ عملدرآمد ڪميٽي (پي سي آءِ سي) ماسٽر پلان جي مطابق نالن کي ويڪرو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي تنهنڪري پشتن سان گڏ انساني آبادي ۽ ڪمرشل يونٽن کي منتقل ڪيو ويندو. اهو فيصلو سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ وزيراعليٰ هائوس ۾ منعقد اجلاس ۾ ڪيو ويو. اجلاس ۾ وزير محنت سعيد غني، ڪور ڪمانڊر ڪراچي ليفٽيننٽ جنرل همايون عزيز، چيئرمين پي اينڊ ڊي محمد وسيم، جي او سي ۽ چيف ڪوآرڊينيٽر پي سي آئي سي ميجر جنرل عقيل احمد، ايڊيشنل سيڪريٽري وزارت پلاننگ عزيز عقيلي، اين ڊي ايم اي بريگيڊيئر وسيم، ڊائريڪٽر آءِ ايس پي آر برگيڊ جهانگير، ايڊمنسٽريٽر ڪراچي افتخار شهلواڻي، ڪمشنر ڪراچي سهيل راجپوت، سيڪريٽري ٽرانسپورٽ شارق احمد، سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ نجم شاهه، ايم ڊي واٽر بورڊ اسد الله خان ۽ ايم ڊي ڊبليو ايم ايم بي زبير چنا ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته چار نالن ۽ هڪ ندي تي 13441 گهراڻا ۽ 2948 تجارتي يونٽس قائم آهن. گجر نالي تي 5916 گهر ۽ 2412 تجارتي يونٽ، اورنگي نالي تي 4480 گهر ۽ 380 تجارتي يونٽ، محمودآباد نالي تي 106 گهر ۽ ملير ندي تي 1996 گهر آباد آهن. حڪومت گندن نالن ۽ ملير نديءَ تي رهندڙ ۽ ڪاروبار ڪندڙ ماڻهن کي ڄاڻايل جايون خالي ڪرڻ جا نوٽس جاري ڪري ڇڏيا آهن. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته اين اي ڊي يونيورسٽي هڪ سروي ڪرائي رهي آهي. سروي جا ٽي او آرز ۾ 44 وڏن نالن تي برساتي پاڻي جي نالن جي ڊيگهه، ويڪر ۽ گنجائش جو تجزيو، فزيڪل اسٽرڪچرز تي ٻڌل نالن جو سروي ۽ حددخلي زمين جو هڪ ڊرون جي مدد سان نقشي سازي ذريعي خاڪو تيار ڪرڻ شامل آهن. ڪمشنر ڪراچي سهيل راجپوت ٻڌايو ته ضلع اوڀر جي 9 نالن سميت محمود آباد نالي جو سروي جو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي جڏهن ته ضلع سينٽرل جي نالن جو سروي هلندڙ هفتي جي آخر تائين مڪمل ٿي ويندو. اجلاس ۾ نالن جي هائيڊرولاجڪ ۽ هائڊرولاڪ موڊلنگ اسٽڊيز جي ٽيڪنيڪل اسٽڊي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. موجوده پاڻي جي نيڪال جي نيٽ ورڪ جو ٽيڪنيڪل اسٽڊي اهو ظاهر ڪري ٿو ته ريجن ۾ امڪاني وهڪري جي مقدار جي تصديق، نالن جي ڪراس سيڪشن جي تفصيل کي وهڪري جي پڄاڻي لاءِ موجوده حصن جي صلاحيت کي اندازو لڳائڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو، موجوده ۽ مستقبل جي بهتري لاءِ نالن ۽ وهڪري جي ماڊل تي ٻڌل هر نالي لاءِ هڪ مثالي ڪراس سيڪشن تجويز ڪيو ويندو ۽ اربن فلڊنگ جي خطرن کي گهٽائڻ لاءِ گندي پاڻي جي نيڪال واري نيٽ ورڪ کي سڌاري وارا منصوبا تيار ڪيا ويندا. سنڌ جي وڏي وزير ڪمشنر ڪراچي کي هدايت ڪئي ته ايندڙ ٽن مهينن اندر ٽيڪنيڪل اسٽڊي مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. مختلف عنصرن کي نظر ۾ رکندي اجلاس ماسٽر پلان جي مطابق نالن جي اصلي ويڪر کي برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو ان لاءِ انساني آبادي ۽ ڪمرشل يونٽن کي سائيٽ تان ختم ڪيو ويندو، البته نالن جي وڌ کان وڌ سائيز جو اندازو لڳائڻ لاءِ اين اي ڊي يونيورسٽي جي اسٽڊي نتيجن تي غور ڪيو ويندو.  اين اي ڊي يونيورسٽي کي ماسٽر پلان مطابق نالن جي جوڙجڪ جو اختيار ڏنو ويو آهي. اجلاس ۾ انساني آبادي جي مختلف موڊلز تي ڪم ڪرڻ ۽ انهن کي منظوري لاءِ ايندڙ ايپڪس ڪميٽي ۾ پيش ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ايڊمنسٽريٽر ڪراچي، ڪمشنر ڪراچي ۽ سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ تي ٻڌل ٽن رڪني ڪميٽي بحالي جي رٿائن کي تيار ڪندي.سنڌ سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ بورڊ (ايس ايس ڊبليو ايم) جو ايم ڊي زبير چنا اجلاس کي ٻڌايو ته 20 آڪٽوبر 2020 کان سڄي شهر اندر صفائي مهم شروع ڪئي وئي آهي. فرنٽ ۽ ڪليڪشن (ايف اي سي) ذريعي ضلع اولهه ۾ آپريشن جي شروعات وزير محنت سعيد غني ڪئي. ڪورنگي ۽ سينٽرل ضلعن ۾ صفائي مهم جو بندوبست ڊي ايم سي جا ايڊمنسٽريٽر ڪري رهيا آهن. ايس ايس ڊبليو ايم ڪورنگي ۽ مرڪزي ضلعن ۾ آپريشن جي نگراني ڪري رهي آهي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته بهترين ڪارڪردگي واري ضلعن ۽ يونين ڪائونسلن کي ايوارڊ ڏنا ويندا. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته سندس تڏهن ئي مطمئن ٿيندو جڏهن علائقي جا رهواسي اهو چوڻ شروع ڪندا ته وقت تي پنهنجن علائقن مان گند کنيو پيو وڃي ۽ بهترين طريقن سان صفائي ڪئي پئي وڃي. هن سڀني ڊي ايم سي ايڊمنسٽريٽرن کي هدايت ڪئي ته هو پنهنجن علائقن ۾ صفائي ۽ نيڪال جي ڪم جو معائنو ڪرڻ لاءِ علائقي جو دورو ڪندا رهن. اجلاس ۾ ڪي سي آر لوڪل ٽرين مئنيجمينٽ جي تجويزن تي به غور ڪيو ويو ۽ ان تي ٻيهر نظرثاني ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو ڇوته لوڪل ٽرين جو نظام جديد ٽرين سسٽم جي شروعات تي اثرانداز ٿيندو

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *